سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31اگست 2016ء) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا ڪندو. اجلاس ۾ گذريل ٽن سالن دوران اندرون ملڪ ۽ عالمي سطح تي کنيل قرضن بابت بريفنگ ڏني ويندي ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن پاران جاري منصوبن تي بريفنگ ڏني ويندي جڏهن ته وزارت جي ٻين معاملن تي پڻ غور ڪيو ويندو.