قومي اسيمبلي جي هائوسنگ ۽ اڏاوتن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي هائوسنگ ۽ اڏاوتن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ15نومبر2017ء) قومي اسيمبلي جي هائوسنگ ۽ اڏاوتن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته هو آئيني ادارن جي ملازمن کي سرڪاري رهائشگاهن جي الاٽمينٽ تي پابندي کڻڻ جي لاءِ قدم تيز ڪري، ڪميٽي وفاقي سرڪاري ملازمن جي لاءِ فوري طور نوان هائوسنگ منصوبا شروع ڪرڻ جي پڻ سفارش ڪئي آهي. ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن چيئرمين ميان عبدالمنان جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ پي ڊبليو ڊي جي ڊائريڪٽر هائوسنگ ۽ اڏاوتن واري وزارت جي جاري ۽ تجويز ڪيل منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. هن ڪميٽي کي پاڪ پي ڊبليو ڊي ۾ افرادي قوت بابت پڻ آگاهه ڪيو. ڪميٽي مستقبل ۾ سرڪاري رهائشگاهون آئيني ادارن جي ملازمن کي الاٽ نه ڪرڻ جي حڪومتي پاليسي تي غور ڪيو. وزارت جي سيڪريٽري پاران ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته وزارت ان ڏس ۾ هڪ سمري وزيراعظم ڏانهن اڳ ۾ ئي موڪلي ڇڏي آهي جنهن ۾ اهي پابنديون هٽائڻ جي گذارش ڪئي وئي آهي. ڪميٽي وزارت کي هدايت ڪئي ته هو ان معاملي کي اولين ترجيح ۾ رکندي ڪم تيز ڪري. ڪميٽي وزارت کي هدايت ڪئي ته اها پشاور، لاهور ۽ ڪراچي ۾ فيڊرل لاجز جي مرمت ڪري.