سينيٽ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ14نومبر2017ء) انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي عملدارن سينيٽ جي ذيلي ڪميٽي کي ٻڌايو آهي ته عالمي معاهدي تحت اسپيشل ڪميونيڪشن آرگنائيزيشن (ايس سي او) کي سڄي ملڪ ۾ آپريٽ ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي، ايس سي او جتي آپريٽ ڪري رهي آهي اوستائين محدود رهندي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي ڏنل قانونسازي بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينر دائود خان اچڪزئي جي صدارت ۾ پارليامينٽ لاجز ۾ ٿيو. ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اسپيشل ڪميونيڪشن آرگنائيزيشن جي حوالي سان ذيلي ڪميٽي پاران ڏنل سفارشن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري ذيلي ڪميٽي کي ٻڌايو ته ذيلي ڪميٽي جي هدايت تي آءِ ٽي واري وزارت 24 آڪٽوبر 2017ع تي سمورين ڌرين پي ٽي اي، اين ٽي سي ۽ ايس سي او سان هڪ تفصيلي گڏجاڻي ڪئي آهي ۽ ٽنهي ادارن جو موقف ملي چڪو آهي جنهن کي قانون واري وزارت ڏانهن موڪلي راءِ ورتي ويندي. جنهن تي ذيلي ڪميٽي هدايت ڪئي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت 17 نومبر تائين سمري قانون واري وزارت ڏانهن موڪلي ۽ 24 نومبر تائين قانون واري وزارت ٽنهي ادارن جي موقف تي قانوني راءِ فراهم ڪري.