بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جون قربانيون بي مثال آهن: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جون قربانيون بي مثال آهن: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

ڪوئيٽا (پاکستان نیوزپوائنٹ14نومبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جون قربانيون بي مثال آهن، امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ وفاقي حڪومت بلوچستان جي حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن اها ڳالهه ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي، بلوچستان جي وڏي وزير سردار ثناءُ الله زهري، رياستن ۽ سرحدي معاملن واري وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ، قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه، آءِ جي ايف سي، بلوچستان جي گهرو وزير، بلوچستان جي چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي تازي واقعي جي شهيدن جي لاءِ دعا ڪئي. بلوچستان جي گهرو سيڪريٽري امن امان بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ شيعه زائرين جي لاءِ سيڪيورٽي قدمن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.