بلوچستان جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي وفاقي حڪومت جي ترجيح آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

بلوچستان جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي وفاقي حڪومت جي ترجيح آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

ڪوئيٽا (پاکستان نیوزپوائنٹ14نومبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي وفاقي حڪومت جي ترجيح آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي گورنر هائوس ۾ بلوچستان جي ترقياتي منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي، بلوچستان جي وڏي وزير سردار ثناءُ الله زهري، رياستن ۽ سرحدي معاملن واري وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ، قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه، گهرو معاملن، منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزيرن، بلوچستان جي سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقي) سي پيڪ منصوبن سميت ترقياتي منصوبن، ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي سان هلائڻ، خصوصي اقتصادي زونز، پاڻي انتظام جي منصوبن ۽ تيل ۽ گئس جي ڳولا جي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.