وزيراعظم پاران بلوچستان جي سمورن علائقن کي ترقي جي لحاظ کان ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ جي لاءِ 10 سالا ايڪولائيزيشن پئڪيج جو اعلان

وزيراعظم پاران بلوچستان جي سمورن علائقن کي ترقي جي لحاظ کان ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ جي لاءِ 10 سالا ايڪولائيزيشن پئڪيج جو اعلان

ڪوئيٽا (پاکستان نیوزپوائنٹ14نومبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بلوچستان جي سمورن علائقن کي ترقي جي لحاظ کان ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ جي لاءِ 10 سالا ايڪولائيزيشن پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ يونين ڪائونسل جي سطح تي تعليم، صحت، گئس، پيئڻ جي صاف پاڻي سميت مختلف شعبن تي ٻڌل ترقياتي پئڪيج تيار ڪيو پيو وڃي جنهن تي هن ئي سال عملدرآمد شروع ٿي ويندو، چونڊيل جمهوري حڪومت جو 5 سالن جو مدو جون ۾ مڪمل ٿيندو جنهن کانپوءِ مقرر وقت تي عام چونڊون ٿينديون. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن گورنر هائوس ۾ بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن ۽ امن امان جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاسن جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. بلوچستان جو گورنر محمد خان اچڪزئي، بلوچستان جو وڏو وزير نواب ثناءُ الله زهري پڻ موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪوئيٽا ۾ پنهنجي مصروفيتن جو ذڪر ڪندي چيو ته هتي ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ ۽ بلوچستان ۾ جاري ٻين ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو آهي. هن چيو ته بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ جي لاءِ 10 سالا ايڪولائيزيشن پئڪيج جي حوالي سان بلوچستان جي وڏي وزير پاران تجويز پيش ڪئي وئي جنهن سان وفاقي حڪومت اتفاق ڪيو آهي، ان پئڪيج جي لاءِ اڌ فنڊ وفاق ۽ اڌ فنڊ صوبو فراهم ڪندو ۽ هن سال ئي منصوبي تي عملدرآمد شروع ٿي ويندو، پئڪيج ۾ بلوچستان ۾ يونين ڪائونسل سطح تي تعمير ۽ ترقي، تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ سهولتون، گئس جا منصوبا ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جا منصوبا شامل آهن ته جيئن صوبي ۾ موجود کوٽ کي پورو ڪندي بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر آڻي سگهجي. هن چيو ته اجلاس ۾ سي پيڪ منصوبي ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، سوئي سدرن گئس ڪمپني پاران گئس سپلاءِ سسٽم ۾ ايل پي جي کي مڪس ڪرڻ جي حوالي سان 20 ارب رپيا لاڳت جي منصوبي جو جائزو ورتو جڏهن ته سي پيڪ تحت 80 ارب جي منصوبن جو پڻ جائزو ورتو ويو. هن چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته هڪ يا 2 مهينن ۾ ڪوئيٽا جو دورو ڪري انهن منصوبن جو جائزوورتووڃي ته جيئن انهن منصوبن جي ڪارڪردگي وڌيڪ اطمينان جوڳي ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت ۽ جمهوريت هلي رهي آهي، جون ۾ موجوده حڪومت پنهنجو مدو مڪمل ڪري رهي آهي جنهن کانپوءِ 2 مهينن ۾ عام چونڊون ٿينديون ۽ جمهوريت هلندي رهندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئين موجب حڪمراني ٿيندي آهي، آئين ۽ قانون جي بالادستي هجڻ گهرجي.