اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 30اگست 2016ء) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل صدر مسعود خان ملاقات ڪئي. گهرو وزارت پاران ڪالهه اڱاري ڏينهن جاري بيان موجب گهرو وزير اڳوڻي سفير کي آزاد ڪشمير جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندس صلاحيتون آزاد ڪشمير جي عوام جي تعمير ۽ ترقي ۽ ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿينديون. گهرو وزير چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي ظلم ۽ جبر سان دٻائي نه ٿو سگهجي.
چوڌري نثار علي خان جي آزاد ڪشمير جي صدر مسعود خان ملاقات
8 سال پھريان