قومي اسيمبلي جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29اگست 2016ء) قومي اسيمبلي جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سنڌ حڪومت کي چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين جي حراست دوران وڊيو بيان جي رڪارڊنگ بابت ايندڙ اجلاس ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه سومر ڏينهن هتي عمران ظفر لغاري جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ طلال چوڌري پڻ شرڪت ڪئي. پينل اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري جي غيرموجودگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ڊي آءِ جي ڪراچي ايسٽ پوليس ڊاڪٽر ڪامران اجلاس کي ٻڌايو ته سنڌ پوليس جي ٻن جاچ آفيسرن حلفيه بيان ڏنو آهي ته هنن ڊاڪٽر عاصم جو 16 ڏينهن جي حراست دوران ڪو وڊيو بيان رڪارڊ ناهي ڪيو. ڊاڪٽر ڪامران چيو ته سندس کاتي رينجرز ۽ نيب کي خط لکيو آهي ته ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو وڃي ته جڏهن ڏوهاري سندن حراست ۾ هو ته ڇا سندس ڪو وڊيو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، تنهن هوندي به اڃا تائين ان حوالي سان ڪو جواب ناهي مليو. طلال چوڌري چيو ته پوليس کي چيو ويو آهي ته ڪميٽي کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو وڃي ته ڏوهاري جي وڊيو رڪارڊنگ قانوني گهرج هئي يا وڊيو غيرقانوني طور تي ٺاهي وئي. هن چيو ته پوليس رپورٽ مڪمل ٿيڻ تائين عبوري رپورٽ پيش ڪري. عمران ظفر لغاري چيو ته ڪميٽي ڪيس ۾ پوليس سان تعاون جي لاءِ نيب ۽ رينجرز کي خط لکندي. ٻي صورت ۾ ڪميٽي رولز آف پروسيجر تحت ڪارروائي ڪندي. پيمرا جي چيئرمين ابصار عالم چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن کي ضابطه اخلاق تي ڪو اعتراض نه آهي، اختلاف راءِ رڳو عملدرآمد جي مڪينزم تي آهي. طلال چوڌري چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي تي ڪا پابندي نه ٿي هڻڻ چاهي تنهن هوندي ائين لڳي ٿو ته ميڊيا هائوسز جا مالڪ ضابطه اخلاق تي عملدرآمد ۽ پنهنجي ملازمن بابت ذميوارين تي دلچسپي نه ٿا رکن. اجلاس ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري هوم ڊپارٽمينٽ سنڌ محسن شاهه، ايڊيشنل آءِ جي سنڌ پوليس ثناءُ الله عباسي پڻ شرڪت ڪئي.