اقتصادي لنگهه منصوبي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اقتصادي لنگهه منصوبي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29اگست 2016ء) اقتصادي لنگهه منصوبي بابت پارلياماني ڪميٽي جو 16 هون ٻن ڏينهن وارو اجلاس وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت بلتستان ۾ اڄ اڱاري تي ٿيندو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر مشاهد حسين سيد ڪندو. اجلاس ۾ گلگت بلتستان جو وڏو وزير اقتصادي لنگهه منصوبي بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندو جڏهن ته ڪميٽي گلگت بلتستان حڪومت پاران اقتصادي لنگهه منصوبي بابت قومي سيمينار ۾ پڻ شرڪت ڪندي. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ رياستن ۽ سرحدي معاملن وارو وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ، هائوسنگ اينڊ ورڪس وارو وفاقي وزير اڪرم خان دراني، پورٽ اينڊ شپنگ وارو وفاقي وزير مير حاصل خان بزنجو، ناڻي وارو پارلياماني سيڪريٽري رانا افضل خان سميت ٻيا ميمبر شرڪت ڪندا.