پاڪستان جا بنگلاديش سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن: صدر ممنون حسين

پاڪستان جا بنگلاديش سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29اگست 2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جا بنگلاديش سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان سڀني پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻن لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه سومر ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ پاڪستان جي بنگلاديش لاءِ نامزد سفير رفيع الزمان صديقي سان ڳالهائيندي ڪئي. صدر نامزد سفير تي زور ڀريو ته بنگلاديش سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ روايتي سفارتڪاري کان هٽي ڪري ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي ماضي جي تلخيون وساري اڳتي وڌڻو پوندو جيڪو ايندڙ وقت جي لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي. ان سلسلي ۾ پارلياماني ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته بنگلاديش سان واپار کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل لاڳاپن ۾ اضافو ٿئي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام پاڻ ۾ ويجهو اچي سگهي. صدر چيو ته پاڪستاني سفارتڪارن جي اها ذميواري آهي ته هو پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري طرف راغب ڪن. پاڪستان ۾ آپريشن ضرب عضب ۽ سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن جي خلاف جاري آپريشن سبب امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. صدر چيو ته حڪومت ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اٿارڻ جي لاءِ سفارتڪارن سان چونڊيل نمائندن جي به ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي جيڪا ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪندي. پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ڪڌين ڪاررواين جي پرزور مذمت ڪري ٿو. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته بنگلاديش ۾ مقرر ٿيندڙ سفير جي موجودگي ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته هو پاڪستان جو دنيا ۾ تشخص بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي سمورين صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندو.