ملڪ جي ترقي ۽ اقتصادي خوشحالي حاصل ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽين ۾ جديد ۽ تخليقي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ممنون حسين

ملڪ جي ترقي ۽ اقتصادي خوشحالي حاصل ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽين ۾ جديد ۽ تخليقي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29اگست 2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ اقتصادي خوشحالي حاصل ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽين ۾ جديد ۽ تخليقي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه سومر ڏينهن هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي. صدر چيو ته حڪومت اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، صدر چيو ته نوجوان نسل جي ڪردارسازي بنا تعليم جي مڪمل نٿي ٿي سگهي. هن هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين تي زور ڀريو ته هو تعليمي معيار جي بهتري لاءِ وڌيڪ قدم کڻي. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي ڪوششن سبب ملڪ ترقي لاءِ هنرمند ماڻهو ميسر ٿيندا جنهن سان ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اضافو ٿيندو. ان موقعي تي هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين اداري جي مستقبل جي پروگرامن بابت صدر کي بريفنگ ڏني.