ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي: صدر ممنون حسين

ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29اگست 2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ڪشميرين جي پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جاري جدوجهد جي سفارتي ۽ اخلاقي سطح تي حمايت جاري رکندو، پاڪستان بيگناهه ڪشميرين جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز تي تشدد جي ڪاررواين جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو. هن اها ڳالهه آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل صدر مسعود خان سان ڪالهه سومر ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات دوران چئي. صدر ممنون حسين مسعود خان کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر جي حيثيت سان ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر آزاد ڪشمير ۾ تازيون ڪامياب چونڊون منعقد ڪرڻ ۽ چونڊيل حڪومت کي پرامن اقتدار جي منتقلي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته نئون چونڊيل صدر آزاد ڪشمير ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجي وسيع تجربي ۽ سمورين صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندو. صدر چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر پنهنجون نيون ذميواريون بهتر طريقي سان ادا ڪندو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر محمد مسعود خان صدر سان آزاد ڪشمير جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ صدر جا آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملن ۾ گهري دلچسپي وٺڻ تي ٿورا مڃيا.