اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29اگست 2016ء) قومي اسيمبلي جي وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ تعليم جي فروغ لاءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي ملڪ ۾ فاصلاتي نظام تعليم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪرنل (ر) امين الله مروت جي صدارت ۾ ٿيو. ان موقعي تي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر شاهد صديقي ڪميٽي کي ٺوس ڪارڪردگي، ڪاميابين ۽ مستقبل جي منصوبن بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. ڪميٽي جي چيئرمين يونيورسٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن چيو ته يونيورسٽي اچڻ کان اڳ سندس راءِ مختلف هئي. هن چيو ته اهو ڄاڻي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته يونيورسٽي جيل ۾ قيدين کي پڻ تعليم طرف راغب ڪري رهي آهي ۽ قيدين جي لاءِ جدا پروگرام جوڙيا ويا آهن. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن پڻ يونيورسٽي جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون تجويزون ڏنيون. ان موقعي تي وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان چيو ته ملڪ ۾ تعليم جي شعبي ۾ نمايان بهتري اچي رهي آهي. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڪارڪردگي پڻ بهتر ٿي آهي. هن چيو ته ڪجهه وقت پهرين يونيورسٽي جو اهو معيار نه هو جيڪو اڄ آهي. اسان کي اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته يونيورسٽي تعليمي معيار ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ مختلف سڌارا آندا ۽ نوان پروگرام شروع ڪيا. هن چيو ته اسان جي حڪومت پاران يونيورسٽين جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
قومي اسيمبلي جي وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس
7 سال پھريان
