ڪاروباري طبقو پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي مڪمل ڪرڻ ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو: عبدالرئوف عالم

ڪاروباري طبقو پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي مڪمل ڪرڻ ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو: عبدالرئوف عالم

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29اگست 2016ء) ايف پي سي سي آءِ جي صدر عبدالرئوف عالم چيو آهي ته ڪاروباري طبقو پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي مڪمل ڪرڻ ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سومر ڏينهن هتي سي پيڪ سمٽ ۽ ايڪسپو کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سي پيڪ منصوبو وزيراعظم محمد نواز شريف جي تمام وڏي ڪاميابي آهي ۽ واپاري برادري ان منصوبي کي ڪامياب بڻائڻ ۾ ڀرپور تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ پاڪستان جو ڪاروباري طبقو هر ممڪن تعاون ڪندو، بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ ٻين منصوبن سان هر طبقي جي ماڻهن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي سان ملڪ ۾ اقتصادي ۽ سماجي شعبي جي ان انقلابي منصوبي تي اسان چين جا ٿورائتا آهيون.