اسحاق ڊار سان فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جي ملاقات

اسحاق ڊار سان فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27اگست 2016ء) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل محمد افضل ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي ملاقات ڪئي ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن پاران شروع ڪيل منصوبن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته ايف ڊبليو او ملڪ ۾ وڏن منصوبن جي ڪاميابي سان تعمير جي صلاحيت ۽ انساني وسيلا رکي ٿي. ناڻي واري وفاقي وزير خاص طور تي توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ ايف ڊبليو او جي منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. هن ڊائريڪٽر جنرل کي پراجيڪٽس جي فنانسنگ جي لاءِ هر ممڪن سهولت جي خاطري ڪرائي. ايف ڊبليو او قومي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان موقعي تي ناڻي واري وزارت جا سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا.