مخالف صحت ۾ انصاف جا کوکلا نعرا هڻي رهيا آهن: محسن شاهنواز رانجها

مخالف صحت ۾ انصاف جا کوکلا نعرا هڻي رهيا آهن: محسن شاهنواز رانجها

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27اگست 2016ء) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بيريسٽر محسن شاهنواز رانجها چيو آهي ته مخالف صحت ۾ انصاف جا کوکلا نعرا هڻي رهيا آهن جڏهن ته وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر هيلٿ اسٽرڪچر پلان متعارف ڪرائي عوامي دوستي جو واضح ثبوت ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن جاري بيان ۾ هن چيو ته صحت جي بنيادي ڍانچي ۽ ماڻهن کي علاج ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جا قدم ساراهه جوڳا آهن، وزيراعظم نواز شريف سدائين عوامي امنگن تي پورو لٿو آهي. هن چيو ته هيلٿ پئڪيج کانپوءِ هيلٿ اسٽرڪچر تحت ڪيترين ئي اسپتالن جي تعمير جو اعلان ڪري وزيراعظم عوامي امنگن کي پورو ڪري ڇڏيو جڏهن ته مخالف صحت ۾ انصاف جا کوکلا نعرا هڻندي رهجي ويا آهن. وزيراعظم صحت جي مسئلن کي ترجيح ڏني ڇو ته ان سان سڌو سنئون عام ماڻهو جو تعلق آهي. هن چيو ته وزيراعظم صحت جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جا حڪم ڏئي سڀني جون دليون کٽي ورتيون آهن. هن چيو ته صحت جي منصوبن ۾ دلچسپي وزيراعظم جو عوامي دوستي جو واضح ثبوت آهي.