وزيراعظم پاران ڀارتي ظلم اجاگر ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ميمبر خصوصي نمائندن جي حيثيت سان نامزد

وزيراعظم پاران ڀارتي ظلم اجاگر ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ميمبر خصوصي نمائندن جي حيثيت سان نامزد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ وحشياڻي ظلمن ۽ انساني حقن جي سخت خلاف ورزين کي دنيا جي اهم حصن ۾ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ 22 پارليامينٽ ميمبرن کي خصوصي نمائندن جي حيثيت سان نامزد ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو آهي ته هن ڪشمير جو ڪيس وڙهڻ جي لاءِ انهن پارليامينٽ ميمبرن کي دنيا جي مختلف حصن ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته انهن خصوصي نمائندن کي پاڪستان جي عوام جي طاقت ۽ لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسن ڏانهن رهندڙ ڪشميري عوام جون دعائون آهن، اهي پارليامينٽ جو مينڊيٽ ۽ حڪومت جي حمايت پڻ رکندڙ آهن. وزيراعظم نواز شريف چيو ته هو سڄي دنيا ۾ ڪشمير ڪاز کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ انهن جي ڪوششن ۾ خصوصي نمائندن سان گڏ بيٺل آهي ته جيئن ايندڙ سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن ۾ پنهنجي خطاب دوران عالمي برادري جي گڏيل ضمير کي جنجهوڙي سگهي. وزيراعظم چيو ته اسان گڏيل قومن کي ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جو پراڻو واعدو ياد ڏيارينداسين، اسان ڀارت تي واضح ڪنداسين ته اهو ڀارت ئي هو جنهن ڪشمير تڪرار تي ڪيترائي ڏهاڪا اڳ گڏيل قومن سان رجوع ڪيو هو پر هو پنهنجو واعدو پورو نه ڪري رهيو آهي. ڪشميرين نسل درنسل رڳو ٽٽل واعدن ۽ بي رحم ظلم ڏٺو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گڏيل قومن جو اهو ساليانو ايونٽ اداري کي عمل جي ترغيب ڏيڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو. ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن جي مسلسل ناڪامي آهي، گڏيل قومن کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان ڪشمير ڪاز ۾ ڪنهن نرمي جو تصور به نه ٿا ڪري سگهون. ڀارتي وحشياڻي ظلم کي اجاگر ڪرڻ ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪشمير ڪاز جي لاءِ لابنگ ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جي نمائنده خصوصي جي حيثيت سان نامزد ڪيل پارليامينٽ ميمبرن ۾ بيلجيم (برسلز) جي لاءِ اعجاز الحق ۽ ملڪ عزيز، چين (بيجنگ) جي لاءِ خسرو بختيار ۽ عالم داد لاليڪا، فرانس (پيرس) عائشه رضا فاروق ۽ رانا محمد افضل خان، روسي فيڊريشن (ماسڪو) جي لاءِ رضا حيات هراج، جنيد انور چوڌري ۽ نواب علي وساڻ، سعودي عرب (رياض، جده) جي لاءِ مولانا فضل الرحمان، ميجر (ر) طاهر اقبال ۽ محمد افضل کوکر، ترڪيءَ (انقره) جي لاءِ محسن شاهنواز رانجها ۽ ملڪ پرويز، برطانيا (لنڊن) جي لاءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم ۽ قيصر شيخ، آمريڪا (واشنگٽن ڊي سي) ۽ گڏيل قومن (نيويارڪ جي لاءِ مشاهد حسين سيد ۽ شذره منصب علي، گڏيل قومن (جنيوا) جي لاءِ اويس لغاري ۽ ڏکڻ آفريقا (پريٽوريا) جي لاءِ عبدالرحمان ڪانجو شامل آهن.