پاڪستان علائقائي ملڪن سان لاڳاپن جي فروغ لاءِ موثر ۽ فعال حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي: سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني

پاڪستان علائقائي ملڪن سان لاڳاپن جي فروغ لاءِ موثر ۽ فعال حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي: سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ17اکتوبر2017ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته پاڪستان علائقائي ملڪن سان لاڳاپن جي فروغ لاءِ موثر ۽ فعال حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي جنهن تحت توانائي، مواصلات، معاشي رابطا ڪاري ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پارلياماني رابطن کي ترقي ڏيڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران، ترڪي، اومان ۽ بيلاروس جي اسپيڪرز، چين ۽ ٻين علائقائي ملڪن جي پارلياماني وفدن سان ڌار ڌار ملاقاتن دوران ڪيو جيڪي 137 هين بين الپارلياماني تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي روس جي شهر سينٽ پيٽرز برگ ۾ ٿيون، ميان رضا رباني چيو ته ايشيائي خطي کي اولهه سامراجي ذهنيت طرفان عدم استحڪام ۽ انتشار جي طرف ڌڪيو پيو وڃي ڇو ته ايشيا جي ترقي سان اولهه سامراجيت جو راڄ ختم ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، هن چيو ته ايشيا کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ بيروني دنيا طرف نه ڏسڻ گهرجي پر ايشيائي خطي جي سياسي قيادت کي گڏجي ويهي معاملا طئي ڪرڻ گهرجن جنهن جي ذريعي اسان ايشيا جي ماڻهن کي سماجي ۽ معاشي آزادي جو خواب شرمنده تعبير ڪري سگهون ٿا، سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان علائقائي تعاون ۽ حل طلب معاملن جي پرامن طور تي ڳالهين جي ذريعي حل لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيو آهي ڇو ته اسان کي يقين آهي ته جنگ مسئلن جو حل ناهي، هن علائقائي پارليامينٽ تي زور ڏنو ته هو خطي ۾ امن ۽ گڏيل هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجي صلاحيتن مان فائدو کڻون ڇو ته پارلياماني سفارتڪاري مخالف قومن کي ويجهو آڻڻ جو سڀ کان موثر ذريعو آهي، هن معاشي ۽ واپاري تعاون جي فروغ ۾ علائقائي پارليامينٽ جي وچ ۾ بهتر رابطاڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ڪامياب پارلياماني سفارتڪاري جو بنياد هڪ ٻئي سان برابري جي لاڳاپن سان گڏوگڏ ثقافت ۽ روايتن ۾ ٿيندڙ اوسر کي تسليم ڪرڻ آهي. هن چيو ته علائقائي معاشي توان جي فروغ لاءِ خطي ۾ گڏيل قدرن مان به فائدو کڻڻو پوندو.