پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ وسيع تر اقتصادي تعاون جي تمام گهڻي گنجائش موجود آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ وسيع تر اقتصادي تعاون جي تمام گهڻي گنجائش موجود آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ16اکتوبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ وسيع تر اقتصادي تعاون جي تمام گهڻي گنجائش موجود آهي، ٻنهي ملڪن کي واپار، سيڙپڪاري ۽ ٻين شعبن ۾ وڌيڪ رابطن جا هدف مقرر ڪرڻ گهرجن. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير عطاءُ جان نور لوچ مولاموف سان ڳالهائيندي چئي جنهن سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ افهام و تفهيم تي ٻڌل ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي حصيداري آهستي آهستي وڌي رهي آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ ترڪمانستان – افغانستان- پاڪستان – ڀارت (تاپي) گئس پائيپ لائين منصوبي جو حصو آهن جيڪو پاڪستان جون توانائي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي صلاحيت رکي ٿو، وزيراعظم تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد فعاليت لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان ڳالهه کي به ساراهيو ويو ته ٻئي ملڪ واپار، سفري سهولتن، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ لاءِ فضائي ۽ زميني رابطن سميت وسيع تر مواصلاتي رابطن لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.