پرڏيهي عملن تي نئين سر غور ڪري دانشمنداڻي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي: صدر ممنون حسين

پرڏيهي عملن تي نئين سر غور ڪري دانشمنداڻي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد – (پاکستان نیوزپوائنٹ13اکتوبر2017ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته گهرو سلامتي تي اثر انداز ٿيندڙ پرڏيهي عملن تي نئين سر غور ڪري دانشمنداڻي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ڇو ته ڪشمير، ڀارت، افغانستان، ايران، وچ اوڀر ۽ چين جي صورتحال سڌي سنئين اسان جي داخلي سلامتي جي معاملن تي اثر انداز ٿيندي آهي. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن هتي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ورڪشاپ ۾ پارليامينٽ جا ميمبر، اعليٰ سول ۽ فوجي ۽ سول سوسائٽي جا ماڻهو شريڪ هئا. صدر ان موقعي تي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ به ورهايا. صدر ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته عسڪريت پسندي ۽ دهشتگردي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قوم جان ۽ مال ۽ اداره جاتي سطحن تي تمام گهڻو نقصان کنيو آهي پر ان جنگ ۾ اسان جي ڪاميابي به غير معمولي آهي جنهن جي لاءِ اسان جي سول ۽ ملٽري جانبازن کانسواءِ سياسي ۽ غير سياسي ماڻهن به تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن جنهن تي هي سمورا ماڻهو ۽ ادارا خراج تحسين جا مستحق آهن. هن چيو ته انهن مسئلن جي حل لاءِ ضروري آهي ته گهرو پاليسي سان گڏوگڏ پرڏيهي پاليسي جي ڪجهه رخن جو احتياط سان جائزو وٺي ان کي سڌاريو وڃي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ گذريل ٽن ڏهاڪن دوران نهايت تيزي تر رفتاري سان تبدليون رونما ٿيون جن جا ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي معاملن تي به گهرا اثر پيا، هي صورتحال وسيع پيماني تي علمي ۽ عملي قدمن جي گهرجائو هئي پر لاڳاپيل حلقا ان جي نوعيت کي سمجهي ڪا مناسب حڪمت عملي تيار نه ڪري سگهيا جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه عنصر گمراهي تي ٻڌل بيانيه معاشري ۾ پکيڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ائين مذهب ۽ انتهاپسندي کي هڪ ئي نظر سان ڏٺو ويو، هن چيو ته ميڊيا انهن معاملن ۾ انفرادي سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ان ۾ به اڃان وڌيڪ گنجائش باقي آهي، صدر چيو ته ملڪ جي ڪجهه حصن خاص طور تي وڏن شهري مرڪزن ۾ سماج دشمن عنصر منظم ڏوهن کي فروغ ڏنو جنهن سان انهن شهرن سميت سڄي ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي زندگي متاثر ٿي، اهڙي طرح جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري معاشري کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون ۽ جيڪڏهن ضروري سمجهيو وڃي ته قانوني ڍانچي کي به تبديل ڪري سگهجي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان جي مخصوص صورتحال ۾ تعليمي نظام ۽ نصاب کي نهايت ٺوس بنيادن تي جوڙڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته صحت ۽ زورگار جي شعبن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سماج دشمن عنصرن کي چٿڻ جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيتن ۾ بهتري آڻڻي پوندي. هن چيو ته ملڪ ۽ قوم جي نئين سر تنظيم سازي لاءِ پوري قوم ۽ ان جي سمورن ادارن کي ذهني طور ۽ رضاخوشي سان اجتماعي ڪوششون ڪرڻيون پونديون ڇو ته اهڙي طرح جو ڪم ڪنهن طبقي سان مڪتبه فڪر کي نظر انداز ڪري انجام نٿو ڏئي سگهجي. صدر چيو ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران مختلف موقعن تي انهن مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا ويا پر اسان کي جيترا وڏا ۽ گهڻ رخا چئلينج درپيش آهن ان جي مقابلي ۾ انهن ۾ وڌيڪ سگهه، جامعيت ۽گهڻ رخي آڻڻي پوندي. هن چيو ته حڪومت سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو جنهن تحت شدت پسندن ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ گهڻ رخي پاليسي جوڙي وئي، هاڻي ضروري آهي ته ان پلان جي ڪاميابي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، ان موقعي تي اين ڊي يو جي وقتي صدر ميجر جنرل سمريز سالڪ به خطاب ڪيو جڏهن ته سينيٽر روبينه خالد، پنجاب اسيمبلي جي ميمبر شهر يار ملڪ ۽ سول سوسائيٽي جي نمائندن عامر دراني ورڪشاپ جي سفارشن کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو.