پاڪستان جي غدارن کي معاف نه ڪيو ويندو: وزيراعظم جو ترجمان مصديق ملڪ

پاڪستان جي غدارن کي معاف نه ڪيو ويندو: وزيراعظم جو ترجمان مصديق ملڪ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26اگست 2016ء) وزيراعظم جي ترجمان مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان جي غدارن کي معاف نه ڪيو ويندو ۽ جيڪي ماڻهو انهن جي مدد ڪري رهيا آهن انهن کي به ان ئي نظر سان ڏٺو ويندو، برطانوي حڪومت الطاف حسين جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪندي. ڪالهه جمعي ڏينهن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن ايم ڪيو ايم جي پاڪستاني قيادت پاران الطاف حسين سان عليحدگي جي حوالي سان بيانن بابت چيو ته ان جي بيانن جو جائزو ورتو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي مقامي قيادت پنهنجي عمل سان الطاف حسين کان عليحدگي کي ثابت به ڪري پر جيڪڏهن اهي ناڪام ٿين ٿا ته پارٽي کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. اسان کي ان سان ڪو غرض نه آهي ته ايم ڪيو ايم الطاف حسين کي پنهنجو قائد مڃي ٿي يا نه، اهو فيصلو ايم ڪيو ايم ئي ڪندي پر جيڪڏهن اها ملڪ جي غدار سان گڏ هلي ٿي ته انهن کي به ان ئي نظر سان ڏٺو ويندو. مصدق ملڪ چيو ته ڪهڙي طرح پاڪستان جي خلاف ڳالهائيندڙن کي معاف ڪري سگهجي ٿو. ڇا اسان بلڪل بيڪار ٿي ويا آهيون جو جيڪڏهن ڪو پاڪستان جي سلامتي کي چئلينج ڪري ته اسان ڪجهه به نه ڪريون. حڪومت ان معاملي کي لاڳاپيل ڌرين آڏو پڻ کڻي رهي آهي جنهن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، حد ٿي وئي آهي جو هڪ شخص برطانيا کان پاڪستان ۾ بدامني پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته اسان جي فورسز خطي ۾ امن جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري رهي آهي پر هڪ شخص اتان پاڪستان کي بدنام ۽ ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. برطانوي حڪومت کي به ان معاملي کي ڏسڻ گهرجي. الطاف حسين تقرير هڪ برطانوي شهري جي حيثيت سان ڪئي آهي تنهن هوندي به پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ اهڙو عالمي قانون موجود نه آهي پر اسان کي اميد آهي ته برطانوي حڪومت الطاف حسين جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪندي. ڪراچي ۾ الطاف حسين جا پوسٽرز هٽائڻ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي ته الطاف حسين ايم ڪيو ايم جو قائد هو يا نه پر جڏهن ڪو به شخص پاڪستان جي خلاف ڳالهه ڪندو ته پاڪستان جي عوام ان جون تصويرون يا پوسٽرز گهٽين مان ڇو نه لاهيندي. هن وڌيڪ چيو ته فاروق ستار جي بيان تي ان وقت ڀروسو ڪري سگهجي ٿو جڏهن ان جي ڪا ٺوس صورتحال سامهون ايندي ڇو ته ڪنهن هڪ شخص پاران نامناسب ريمارڪس سبب پوري پارٽي جي مذمت نه ٿي ڪري سگهجي. اسان اهو نه ٿا چئون ته پوري پارٽي ئي غدار آهي پر پاڪستان ۾ ايم ڪيو ايم جي قيادت کي اها ڳالهه ثابت ڪرڻي پوندي نه ته غدار سان گڏ بيهندڙ کي ان ئي نظر سان ڏٺو ويندو. هن چيو ته جيڪو به شخص انهن ماڻهن جي قيادت ڪرڻ چاهي ٿو ان کي عوام جي خدمت ڪري ان جو اعتماد حاصل ڪرڻو پوندو ڇو ته ڪنهن کي به ٻين تي حملن ذريعي ڪراچي تي حڪمراني ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.