وزيراعظم پاران سڄي ملڪ ۾ 110 ارب رپين جي لاڳت سان 39 جديد اسپتالون تعمير ڪرڻ جي اصولي منظوري

وزيراعظم پاران سڄي ملڪ ۾ 110 ارب رپين جي لاڳت سان 39 جديد اسپتالون تعمير ڪرڻ جي اصولي منظوري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سڄي ملڪ ۾ 110 ارب رپين جي لاڳت سان 39 جديد اسپتالون تعمير ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف کي ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ وزيراعظم جي عوامي صحت جي بهتر ڍانچي جي قدمن بابت ٺوس بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي آبادي، اسپتالن ۾ بسترن جي شرح ۽ مريضن جي لاءِ سهولتن جي دستيابي جي ڏس ۾ ملڪ ۾ عوامي صحت جي بنيادي سهولتن بابت ٻڌايو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هڪ هزار ماڻهن جي لاءِ بسترن جي شرح 1970ع ۾ 0:5، 2005ع ۾ 0:7، 2015ع ۾ 0:61 هئي جڏهن ته 2016ع ۾ 0:62 آهي. وزيراعظم اسلام آباد ۾ 6، 6 سئو بسترن جي گنجائش وارين اسپتالن جي تعمير کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ 500 بسترن جي 10 ۽ 250 بسترن جي 20 اسپتالن جي منظوري ڏني. وزيراعظم راولپنڊي ۾ اوبسٽيٽرڪس اينڊ گائناڪالاجي اسپتال تي ڪم جي بحالي جي پڻ هدايت ڪئي جنهن کي صوبن کي اختيارن جي منتقلي جي بنياد تي 2011ع ۾ روڪيو ويو هو. هن هدايت ڪئي ته وفاقي حڪومت ان اسپتال جي ڍانچي کي مڪمل ڪري ۽ هلائي جڏهن ته ايندڙ 18 مهينن جي اندر اسپتال جي تعمير جي لاءِ فنڊ مخصوص ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني ان کانسواءِ وفاقي گادي واري شهر ۾ ٻه وڌيڪ اسپتالن جي لاءِ تجويز ڪيل هنڌن جي پڻ اصولي منظوري ڏني وئي. هن هدايت ڪئي ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 100 بسترن جون چار کان پنج اسپتالون پڻ مڪمل ڪيون وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 39 اسپتالن جي تعمير تي مجموعي لاڳت 110 ارب رپيا ايندي. وزيراعظم چيو ته هو اسلام آباد، راولپندي ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ اسپتالن تي اڳڀرائي جي ذاتي طور تي نگراني ڪندو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اسپتالن جي تعمير جي لاءِ هنڌن کي حتمي شڪل ڏئي بلوچستان، اندرون سنڌ، ڏکڻ پنجاب، خيبرپختونخواهه، فاٽا، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي علائقن ۾ غربت درجابندي، بيمارين جو بار، سرڪاري ۽ نجي اسپتالن جي موجودگي، عوامي صحت جي ناقص اشارن کي ترجيح ڏني وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن اسپتالن جي اڪثريت معيار موجب ايندڙ 18 مهينن جي اندر مڪمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم آفيس ۽ ناڻي واري وزارت گڏجي انهن اسپتالن جي تعمير جي لاءِ فنڊ مخصوص ڪندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هڪ هيلٿ ڪيئر انفراسٽرڪچر ڪمپني قائم ڪئي ويندي ته جيئن انهن قدمن تي عملدرآمد جي رواني جي اڳڀرائي جو جائزو وٺي سگهجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته انهن اسپتالن کي جديد رخن تي تعمير ڪرڻ جي لاءِ ڊيزائننگ جي سلسلي ۾ عالمي طور تي مڃيل ڊيزائننگ ڪنسلٽنٽ جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ عوامي صحت جي ڍانچي جي قيام ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي ذريعي غربت ۽ بيماري کي گڏجي هدف ٺاهي رهي آهي. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان اسان غربت ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي جي لاءِ اقتصادي بحالي جي فائدن کي سگهه ڏئي رهيا آهيون، توانائي ۾ پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي تي ڌيان ڏنو آهي ان سان گڏوگڏ بيماري ۾ ورتل ماڻهن جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ ڊگهي عرصي کان نظرانداز ڪيل هيلٿ ڪيئر جي نظام تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته شهري جي لاءِ صحتمند طرز زندگي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آهي ته جيئن هو ڪنهن به رڪاوٽ کانسواءِ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي.