وزيراعظم سان ايران جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ12اکتوبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ايران جي سفير مهدي هنر دوست ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس کان جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ ايران سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏيندو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي گنجائش آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم نيويارڪ ۾ ايراني صدر حسن روحاني سان ملاقات جو ذڪر ڪيو، ايران جي سفير ايران جي قيادت طرفان نيڪ تمنائن جو پيغام پهچايو ۽ چيو ته ايران پاڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهم سمجهي ٿو، هن چيو ته پاڪستان سان ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. ايران پاڪستان سان هر شعبي ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي.