فاٽا بابت ضروري قانوني ۽ انتظامي قدم کنيا پيا وڃن: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

فاٽا بابت ضروري قانوني ۽ انتظامي قدم کنيا پيا وڃن: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ12اکتوبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا) بابت پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ان مقصد جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۽ تيز رفتار بنيادن تي ضروري قانوني ۽ انتظامي قدم کنيا پيا وڃن. هن اها ڳالهه خيبرپختونخوا جي گورنر اقبال ظفر جهڳڙا سان ڳالهائيندي چئي جنهن ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران صوبي جي مجموعي صورتحال ۽ فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.