سرتاج عزيز سردار اياز صادق ۽ سيد خورشيد شاهه سان ملاقات

سرتاج عزيز سردار اياز صادق ۽ سيد خورشيد شاهه سان ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف جي هدايتن تي فاٽا سڌارا عمل کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سان ملاقات ڪئي جڏهن ته اسپيڪر فاٽا جي مستقبل لاءِ قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ بحث شروع ڪرڻ جي لاءِ 2 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪئي آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي گائيڊ لائين جي پيروي ڪندي سيفران واري وزارت وزيراعظم جي لاءِ فاٽا سڌارن واري ڪميٽي جي تجويز ڪيل سفارشن تي ملڪي سطح تي راءِ حاصل ڪرڻ جي لاءِ عام ويب سائيٽ اڳ ئي جوڙي وئي آهي. ان کانسواءِ فاٽا سڌارن واري ڪميٽي جون رپورٽون پڻ سمورين وفاقي وزارتن، وڏن وزيرن، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، آرمي چيف، نيول چيف، سمورن آرمي ڪور ڪمانڊرن، ڊي جي ايف آءِ اي، آءِ بي وغيره کي پڻ موڪليون ويون آهن. وزيراعظم ڪميٽي کي ڪي پي ڪي جي حڪومت ۽ فاٽا پارليامينٽ ميمبرن سان ايندڙ هفتي ملاقاتون ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. هن اها به هدايت ڪئي ته فاٽا بابت قومي سطح تي ٺوس فيڊ بيڪ پڻ حاصل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته فاٽا سڌارا قومي ترقي جي لاءِ لازمي آهن ۽ هاڻي اسان فاٽا ۾ غربت ۽ سالن کان نظرانداز ڪرڻ جي مسئلي کي ختم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته علائقي ۾ غربت جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ ترقياتي انگ اکر گهٽ ترين سطح تي آهن جڏهن ته هتي انساني حقن جي صورتحال پڻ بهتر نه آهي. هن چيو ته هي وقت آهي ته اسان فاٽا کي سياسي ۽ اقتصادي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪندي ملڪ جي باقي حصن جي برابر آڻيون.