جمهوري ۽ قانوني رستو اختيار ڪرڻ سان ئي پاڪستان کي مستحڪم ڪري سگهجي ٿو: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

جمهوري ۽ قانوني رستو اختيار ڪرڻ سان ئي پاڪستان کي مستحڪم ڪري سگهجي ٿو: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26اگست 2016ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته جمهوري ۽ قانوني رستو اختيار ڪرڻ سان ئي پاڪستان کي مستحڪم ڪري سگهجي ٿو، ووٽ ذريعي احتساب جو عمل سياسي پارٽين جي لاءِ سبق آهي، جذباتي نعرن جي سياست ڪمزور ٿي وئي ۽ عوام جي زندگي بهتر بڻائڻ طرف ڌيان ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن عوام کي اطمينان ٿيو ته هن پارٽي بهتر ڪم ڪيو آهي ته هو ايندڙ چونڊن ۾ ان کي ٻيهر ووٽ ڏيندي، عوام مطمئن هوندي ته پسند ۽ ناپسند جي جو معيار بدلجي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد اي پي پي کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته موجوده سياسي صورتحال، ووٽ ذريعي سياسي حڪومتون قائم ڪرڻ ۽ 5 سالن جو مدو پورو ٿيڻ سان جمهوريت جون پاڙون مضبوط ٿي رهيون آهن ۽ غيرجمهوري حڪومتن ۽ مارشل لا سبب جن عوامي مسئلن طرف ڀرپور حڪومتي ڌيان نه ڏنو ويو هو ان جا اثر به ختم ٿي رهيا آهن، اها تبديلي هاڻي نظر اچڻ شروع ٿي وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آمريت جي ڊگهي دور ۾ ڪجهه ادارن جي پنهنجي حد کان ٽپڻ به مسئلا پيدا ڪي. هاڻي انهن دورن فڪري طور تي اها ڳالهه تسليم ڪري ورتي آهي ته ادارن جي استحڪام جي لاءِ حدن جو تعين ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو نه آهي. ادارا هڪ ڏينهن ۾ واپس پنهنجي حدن تي واپس نه ٿا اچي سگهن. اهو آهستي آهستي جي عمل جو حصو هوندو آهي، ڪنهن انجيڪشن يا وٽامنز سان رات پيٽ ۾ فعال نٿا ڪري سگهجن، جمهوري ۽ قانوني رستو اختيار ڪرڻ سان ئي پاڪستان کي مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته ميثاق جمهوريت تي وفاق جي ٻن وڏين سياسي پارٽين پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) صحيحون ڪيون هيون جڏهن ته باقي پارٽين به ان تي اتفاق ڪيو هو. انهن ٻنهي پارٽين جي ڇڪتاڻ سبب 1999ع کان اڳ 58 (2) بي لاڳو ۽ فوجي حڪومت جو رستو هموار ٿيو پر هاڻي انهن مان هڪ پارٽي جي حڪومت 5 سال مڪمل ڪيا جڏهن ته ٻي مڪمل ڪرڻ وڃي رهي آهي. ٻي صورتحال اها آهي ته هڪ سياسي قيادت، جيڪا انهن سانحن مان ناهي گذري، اها سياسي نظام کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ان الميي جو شڪار 2008ع کان 2013ع تائين رهيو ۽ هاڻي 2018ع طرف سفر جاري آهي ۽ بهتر آثار نظر اچي رهيا آهن. عوام ايندڙ چونڊن ۾ ڏسي وائسي ئي ووٽ ڏيندي ۽ ان ئي سياسي قيادت کي اڳيان آڻيندي جنهن سندس مسئلا حل ڪيا. ووٽ ذريعي احتساب جو عمل سياسي پارٽين جي لاءِ سبق آهي. جذباتي نعرن جي سياست ڪمزور ٿي وئي آهي ۽ عوام جي زندگي بهتر بڻائڻ طرف ڌيان ڏنو پيو وڃي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پرويز رشيد جو چوڻ هو ته سياسي استحڪام سان اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار ۾ پڻ تبديلي آئي آهي. هاڻي حڪومت جي حمايت سان فوج اها ذميواري کنئي آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي ۽ اهو رخ وڌيڪ پيش نظر آهي ته ان لعنت کي ختم ڪرڻ ۾ هو پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇو ته ملڪ جي سلامتي لاءِ اها ڳالهه تمام اهم آهي. پاناما ليڪس جي حوالي سان هڪ سوال تي اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومت ۽ ٻيون پارٽيون قانونسازي ڪرڻ چاهين ٿيون، سموريون پارٽيون گڏجي اهڙو قانون ٺاهين جو بدعنواني ممڪن ئي نه رهي، جنهن ۾ فوري نشاندهي ۽ نظام صاف ۽ شفاف هجي ۽ بدعنواني کي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪيو وڃي، اها ئي احتساب جي صورت آهي. هن چيو ته 2013ع جي چونڊن ۾ عوام مسلم ليگ (ن) کي ووٽ ڏنو، جيڪڏهن انهن کي اطمينان ٿيو ته ان پارٽي بهتر ڪم ڪيو آهي ته هو ان کي ٻيهر ووٽ ڏيندي. هن چيو ته ملڪ ۾ ميگا پراجيڪٽس شروع ٿي چڪا آهن پر اڃا انهن جا نتيجا سامهون ناهن آيا، چونڊ مهم ۾ انهن منصوبن جو ذڪر ته ٿيندو، ان لاءِ اهو مسلم ليگ (ن) لاءِ امتحان هوندو، عوام مطمئن هوندي ته پسند ۽ ناپسند جو معيار بدلجي ويندو. نئين سياسي مهم ۾ ميڊيا جو ڪردار به اهم هوندو. هن چيو ته پهريون ڀيرو ووٽ ذريعي 5 سال حڪومت مڪمل ٿي ۽ هاڻي 2018ع ۾ نئين حڪومت ايندي ۽ اهڙي طرح 10 سالن ۾ ووٽ جي تقدس کي تسليم ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وزير پرويز رشيد چيو ته ان کان اڳ به وفاق ۽ صوبن ۾ مختلف سياسي پارٽين جي حڪومت ٿيندي هئي پر هاڻي ماضي جي ڀيٽ ۾ اعتماد سان گڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي. شڪايتون جيتوڻيڪ موجود آهن پر انهن جي ختم ٿيڻ جو احساس اڃا موجود آهي. هن چيو ته ان جي ابتڙ ايوب خان جي دور ۾ پاڪستان ۾ جيتوڻيڪ هڪ ئي حڪومت هئي پر مخالف تحريڪون به موجود هيون. ذوالفقار علي ڀٽو پڻ چئن صوبن ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي هئي پر سياسي هم آهنگي جي حوالي سان حالتون ايتري قدر بهتر نه هيون، ملڪ کي درپيش مسئلن جو تجزيو ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته دهشتگردي، انتهاپسندي، فرقيواريت ۽ لساني ورڇ تي ضابطو آڻڻ سان امن امان جي صورتحال ۾ بهتري جا آثار آهن. هن چيو ته هاڻي اها صورتحال نه آهي، نئين طريقيڪار موجب معيشت بهتر ٿي رهي آهي، پرڏيهه ملڪن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي، قومي ڏڻ جوش ۽ جذبي سان ملهايا پيا وڃن، اهي سياسي لعنتون جيڪص ڪجهه پارٽين جي عسڪري ونگ ۽ ان ئي نوعيت جي تنظيمن جي موجودگي ۾ وجود ۾ اچي چڪيون هيون انهن تي گرفت نظر اچي رهي آهي. ان جو تازو مثال ڪراچي ۾ بنا طاقت جي استعمال ۽ بهتر حڪمت عملي سان ايم ڪيو ايم کي عسڪري سوچ کان جدا ڪري ۽ هڪ چونڊيل نمائنده پارٽي جي آئيني ڪردار طرف واپس آڻڻ ۾ ڪاميابي ملي آهي جيڪا سٺي ڳالهه آهي ۽ اهو جمهوري سوچ جو نتيجو آهي. هن چيو ته هاڻي شهر بند نه ٿا ٿين ۽ اهي اهڙيون ڪاميابيون آهن جيڪي سياسي، جمهوري، قانوني ۽ آئيني رستو اختيار ڪرڻ سان پاڪستان کي مليون آهن. جيڪڏهن اهو سفر جاري رهي ٿو ته ملڪ ۽ عوام جا مسئلا بهتر معيار زندگي، خوراڪ، ٽرانسپورٽ، روزگار، بزرگ شهرين جي سارسنڀال، تعليم ۽ ٻين مسئلن جي حل طرف اڳڀرائي ڪري سگهجي ٿي. اهڙي طرح قائداعظم ۽ علامه اقبال جي پاڪستان کي حقيقي شڪل ڏئي سگهجي ٿي. اطلاعات واري وزير چيو ته وقت سان گڏوگڏ فڪري طور تي ان ڳالهه ۽ حقيقت کي تسليم ڪيو ويو آهي ته ادارن کي مستحڪم ڪرڻ سان رياستي وجود کي سگهه ملي ٿي ۽ بنا شڪ جي ادارن ان بابت عملي طور تي قدم کنيا آهن جن جي نتيجي ۾ عدليه ۽ پارليامينٽ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آزاد ۽ خودمختيار آهن ۽ آئيني ذميوارين جي حوالي سان بهتر ۽ موثر ڪردار ادا ڪن پيون. نون تجربن جي ڀيٽ هاڻي پاڪستان ۾ آزمايل نسخن کي اختيار ڪرڻ سان عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اتفاق راءِ تي جنهن ضرورت جو احساس پيدا ٿيو آهي ان کي سمورن ادارن ۽ سياسي پارٽين قبول ڪرڻ طرف قدم وڌايو آهي.