حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي، ميڊيا جي واڌ ويجهه ۽ ترقي لاءِ هر ممڪن مدد جاري رکندي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي، ميڊيا جي واڌ ويجهه ۽ ترقي لاءِ هر ممڪن مدد جاري رکندي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(پاکستان نیوزپوائنٹ11اکتوبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي، ميڊيا جي واڌ ويجهه ۽ ترقي لاءِ هر ممڪن مدد جاري رکندي. هو اربع ڏينهن پيمرا جي ڪارڪردگي بابت اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس ۾ اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم ميڊيا معاملن بابت خصوصي مددگار مصدق ملڪ، پيمرا چيئرمين ابصار عالم ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پيمرا جا سينئر عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. پيمرا چيئرمين وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي اداري جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ۽ معاملن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته مستحڪم، متحرڪ ۽ ذميدار ميڊيا جو ڪردار سماجي ترقي جي لاءِ اهم آهي، ميڊيا ادارن جي استحڪام، بهتر طرز حڪمراني ۽ معاشرتي قدرن جي لاءِ به اهم آهي، هن چيوته موجوده حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي ۽ ميڊيا جي واڌ ويجهه ۽ ترقي جي لاءِ هر ممڪن مدد جاري رکندي.