پي ٽي آءِ جي احتجاج بابت قومي اسيمبلي جي ترجمان جي وضاحت

پي ٽي آءِ جي احتجاج بابت قومي اسيمبلي جي ترجمان جي وضاحت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ11اکتوبر2017ء) قومي اسيمبلي جي ترجمان چيو آهي ته اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وقتي اسپيڪر پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي کي فلور تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني ته ان دوران پي ٽي آءِ جي ميمبرن طرفان ايوان ۾ گوڙ ڪيو ويو جيڪو پارلياماني روايتن جي خلاف آهي، هتي جاري بيان ٿيل بيان ۾ اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن پاران وقتي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي تي بنا سبب جي تنقيد جي وضاحت ڪندي ترجمان چيو آهي ته اجلاس ۾ وقتي اسپيڪر پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي کي فلور تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني ته ان دوران پي ٽي آءِ جي ميمبرن طرفان ايوان ۾ گوڙ ڪيو ويو جيڪو پارليماني روايتن جي خلاف آهي، ترجمان وڌيڪ چيو ته ايوان جي ڪارروائي دوران جڏهن ڪنهن پارلياماني پارٽي جو سربراهه خيالن جو اظهار ڪرڻ لاءِ فلور گهري ته پارلياماني روايتن موجب کيس ترجيح ڏني ويندي آهي، وقتي اسپيڪر انهي روايتن کي نظر ۾ رکندي محمود خان اچڪزئي کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني، ترجمان پي ٽي آءِ طرفان وقتي اسپيڪر تي جانبدارڻو رويي اختيار ڪرڻ جي الزام کي پارليماني روايتن جي منافي قرار ڏنو آهي.