پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ11اکتوبر2017ء) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۾ ”ڳالهين جي بنياد“ تي ضابطي جي خلاف ٺيڪو ڏيڻ جو معاملو قومي احتساب بيورو (نيب) جي حوالي ڪندي ٽن مهينن اندر ذميدارن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪميٽي پي آءِ اي جي پريمير سروس جي حوالي سان آڊت عملدارن کي خصوصي آڊٽ ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي آهي جڏهن ته شهري هوابازي جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري عرفان قادر الاهي ۽ پي آءِ اي جي عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي آءِ اي جي مارڪيٽنگ جي دائري کي فروغ ڏيڻ ۽ آپريشنل خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي، ڪميٽي جو اجلاس سيد خورشيد احمد شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن راجا محمد جاويد اخلاص، شيخ رشيد احمد، ميان عبدالمنان، صاحبزاده محمد نذير سلطان، شيخ روحيل اصغر، شفقت محمود، ڊاڪٽر عارف علوي، رانا افضل حسين، چوڌري نذير احمد، سعيد احمد خان، سردار محمد جعفر لغاري، سردار عاشق حسين گوپانگ، عذرا فضل پيچوهو، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، سيد ڪاظم علي شاهه، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، سيد نويد قمر، عبدالرشيد گوڊيل، محمود خان اچڪزئي، شاهده اختر علي، تنوير خان، شيري رحمان، اعظم خان سواتي ۽ سينيٽر هدايت الله کانسواءِ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جاويد جهانگير، شهري هوا بازي جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري عرفان قادر الاهي، پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي نمائندي، پي آءِ اي ۽ شهري هوابازي واري کاتي جي عملدارن کانسواءِ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شهري هوابازي واري کاتي (سي اي اي) جي مالي سال 17 -2016ع جي آڊٽ پيراز ۽ پي آءِ اي بابت معاملن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو، آڊٽ پيرا نمبر 2، 4. 3 اي آر 17 -2016ع اڪلائيندي چيئرمين پي اي سي چيو ته نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ڄاڻايل ڪنٽريڪٽ جو پي سي ون 3.9 ارب روپين جو هو جنهن ۾ ٽينڊر ٿيو آهي جڏهن ته ورڪ آرڊر 4.5 ارب روپين جو آهي، ان مان 650 ملين روپين جو فرق آهي، سينيٽر اعظم خان سواتي چيو ته مشروط ٻولي ۾ شرڪت لاءِ ٽن ڪمپنين درخواستون ڏنيو جنهن مان ٻه فني بنيادن تي ٻاهر ڪيون ويون، ڪٿي ائين ته ناهي جو ٽنهي ڪمپنين ”رنگ سسٽم“ تحت ملي ڀڳت ڪئي هجي، ڪميٽي چيئرمين چيو ته اهو معاملو به اهم آهي ته ٽينڊر 2013ع ۾ جاري ڪيو ويو جڏهن ته ڪنٽريڪٽ 2016ع ۾ ڏنو ويو، ٽينڊر جاري ڪرڻ ۽ ٺيڪو ڏيڻ جي عمل ۾ ٽي سالن جي دير ڇو ٿي، پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگوليٽري اٿارٽي (پيپرا) عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته ٽينڊر جو بنياد ئي غلط هو، 22 اپريل 2013ع تي ٽينڊر ڏنو ويو، اسان کي جيڪي دستاويز فراهم ڪيا ويا انهن ۾ ٽينڊر جي تاريخ ۽ مقام جو تعين ناهي ڪيو ويو ۽ اسان ان جي نشاندهي به ڪئي هئي، پيپرا قاعدي موجب ”فنانشل نيگوسي ايشن“ نٿي ٿي سگهي، صرف ٻيهر ٽينڊر جاري ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي وائيس چيئرمين زاهد عارف ڪميٽي کي ٻڌايو ته ان ٺيڪي ۾ جائنٽ وينچر جي رجسٽريشن 23 اپريل 2015ع تي ٿي جڏهن ته پراسيسنگ کانپوءِ ان کي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل موڪليو ويو ۽ 23 نومبر 2016ع تي لائسنس جاري ڪيو ويو، جوائنٽ وينچر کي اليڪٽريڪل ۽ سول ڪوڊز تحت ڪم جي اجازت ملي آهي، هن جوائنٽ وينچر کي ڏنل ڪم جا مڪمل تفصيل به ڪميٽي کي فراهم ڪيا ۽ چيو ته اسان قاعدي کي نظر ۾ رکيو آهي، هن جو چوڻ هو ته قاعدي تحت غير ملڪي ڪمپنين کي خصوصي ڪم لاءِ لائسنس جاري ڪيو ويندو آهي، شهري هوابازي واري کاتي جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري عرفان قادر الاهي ڪميٽي کي ٻڌايو ته ان معاملي ۾ بي ضابطگي ٿي آهي تنهن هوندي به پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي عملدارن جو چوڻ آهي ته هو درست آهي، ڄاڻايل ڪمپني ٻولي جي عمل ۾ حصو وٺڻ کان اڳ ئي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل کان لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي جنهن جي تصديق ڪري سگهجي ٿي، هن ان معاملي جي جاچ جي حمايت ڪئي جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين معاملو قومي احتساب بيورو جي حوالي ڪندي نيب کي ٽن مهينن ۾ ان جي ذميدارن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ڪميٽي جي اجلاس ۾ قومي ايئر لائينز پي آءِ اي جا مختلف معاملا به بحث هيٺ آيا، شهري هوابازي واري کاتي جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري عرفان قادر الاهي ۽ پي آءِ اي جي عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته شهري هوا بازي واري کاتي جي ڊائريڪٽرز جي غير ملڪي دورن جا تفصيل ڪميٽي کي پيش ڪيا جنهن موجب اڳوڻي جرمن چيف ايگزيڪيٽو پي آءِ اي سال 2016ع جي دوران 22 ملڪي دورا ڪيا، هو 99 ڏينهن ملڪ کان ٻاهر رهيو ۽ ان دورن تي مجموعي طور تي 8.2 ملين روپيا خرچ آيو، هن ٻڌايو ته ڊائريڪٽر پرچيز عمران اختر ۽ ڊائريڪٽر عامر علي ترتيبوار 13، 13 غير ملڪي دورا ڪيا جنهن تي 2.4 ۽ 1.4 ملين روپيا خرچ آيا، جيڪڏهن ٽڪيٽن کي به شامل ڪيو وڃي ته مجموعي خرچ 36 ملين روپين جي لڳ ڀڳ آهن، سيد خورشيد احمد شاهه جي پڇاڻي تي عرفان قادر الاهي چيو ته پي آءِ اي جي ليگل ايڊوائيزر جي ماضي ۾ قتل جي ڪيس ۾ نامزد هجڻ جي ڳالهه درست آهي، 2002ع ۾ ان جي ايف آءِ آر ڪاٽي وئي تنهن هوندي به حقيقت هي آهي ته قانوني صلاحڪار 2006ع ۾ ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب بڻيو هو، هو هن وقت سپريم ڪورٽ جو مشهور وڪيل آهي، ان جو مجموعي پگهار 15 لک روپيا ماهوار آهي، ان کان اڳ جنهن صلاحڪار جون خدمتون حاصل ڪيون ويون هيون ان جو پگهار 25 لک روپيا ماهوار هو جڏهن ته هو پاڻ ڪيس به وڙهي نٿو سگهي پر ڪنهن ٻي وڪيل جون خدمتون حاصل ڪندو آهي، ڪميٽي جي هڪ سوال جي جواب ۾ شهري هوابازي جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري عرفان قادر الاهي ۽ پي آءِ اي جي عملدارن ٻڌايو ته پي آءِ اي جي آپريشنل خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، نيويارڪ جو روٽ گذريل 10 سالن کان نقصان ۾ وڃي رهيو آهي ۽ ساليانو نقصان جي شرح 1.5 ارب روپيا آهي، ان روٽ لاءِ ٻه جهاز مختص آهن ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته وڌ کان وڌ منافع بخش روٽس تي اڏامون هلايون وڃن، هن وقت ڪولامپور، سعودي عرب ۽ نجف جا روٽس منافعي ۾ آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نيويارڪ جي روٽ تي اڏامون بند ڪرڻ سان پي آءِ اي جو روٽ ختم نه ٿيندو پر هي بحال رهندو، اسان جي ڪوشش آهي ته پي آءِ اي جي مارڪيٽنگ جو دائرو ۽ قوت کي فروغ ڏنو وڃي، اجلاس جي دوران ميمبرن پي آءِ اي جي پريميئر سروس بابت سوال ڪيا جنهن تي سيد خورشيد احمد شاهه آڊٽ عملدارن کي ٽن مهينن ۾ ان سروس جي خصوصي آڊٽ جي هدايت ڪئي، ڪميٽي آڊٽ پيرا نمبر 6، 5، 3 اي آر 17 -2016ع اڪلائيندي شهري هوا بازي واري کاتي کي وصولي جي هدايت ڪئي۔