صدر پاران ڪامسٽيڪ کي سربراهه ڪانفرنس آستانه جي فيصلن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت

صدر پاران ڪامسٽيڪ کي سربراهه ڪانفرنس آستانه جي فيصلن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ11اکتوبر2017ء) صدر ممنون حسين اسلامي تعاون تنظيم جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تنظيم (ڪامسٽيڪ) کي هدايت ڪئي آهي ته هو اسلامي سربراهه ڪانفرنس آستانه جي فيصلن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪري، صدر ممنون حسين جيڪو اسلامي تعاون تنظيم جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪميٽي (ڪامسٽيڪ) جو چيئرمين به آهي، تنهن اها ڳالهه اربع ڏينهن هڪ بريفنگ جي موقعي تي چئي جيڪا ڪامسٽيڪ جي ڪوآرڊينيٽر جنرل شوڪت حميد پنهنجي ٽيم سان گڏ ڏني، ان موقعي تي هائير ايجوڪيشن ڪميشن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ پرڏيهي وزارت سميت ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا. صدر ممنون حسين چيو ته اسلامي دنيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ عام ماڻهو جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ لاءِ تعليم ۽ تحقيق جو فروغ ضروري آهي، ان سلسلي ۾ اسلامي دنيا ۾ ضروري تعليمي ۽ تحقيقي ادارا قائم ڪيا وڃن ۽ پهرين کان موجود ادارن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو وڃي، صدر هدايت ڪئي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي باري ۾ اسلامي سربراهه ڪانفرنس آستانه ۾ منظور ڪيل تجويزن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ گهربل وسيلا حاصل ڪرڻ لاءِ قابل عمل حڪمت عملي تياري ڪئي وڃي ۽ عطيا ڏيندڙ ملڪن جي لاڳاپيل ادارن ۾ نمائندگي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن گڏيل مشاورت ۽ افهام و تفهيم سان معاملا اڳتي وڌي سگهن. صدر چيو ته نئين نسل مسلم دنيا جو اصل سرمايو آهي، ان جي بهتر تعليم ۽ سکيا لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي، ان موقعي تي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سيڪريٽري ياسمين مسعود ۽ پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري امتياز احمد کانسواءِ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا.