اسحاق ڊار اٺين سارڪ ناڻي وارن وزيرن جي اجلاس جو چيئرمين چونڊجي ويو

اسحاق ڊار اٺين سارڪ ناڻي وارن وزيرن جي اجلاس جو چيئرمين چونڊجي ويو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26اگست 2016ء) ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار اٺين سارڪ ناڻي وارن وزيرن جي اجلاس جو چيئرمين چونڊجي ويو آهي. سندس چونڊ ڪالهه جمعي ڏينهن هتي سارڪ ناڻي وارن وزيرن جو اجلاس شروع ٿيڻ تي ڪئي وئي. ان کان اڳ اجلاس جو افتتاحي سيشن ٿيو جنهن جو خاص مهمان وزيراعظم محمد نواز شريف هو. اٺين سارڪ ناڻي وارن وزيرن جي اجلاس جي صدارت سنڀالڻ کانپوءِ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ان موقعي تي چيو ته سارڪ پنهنجي قائم ٿيڻ کانپوءِ ڏکڻ ايشيا جي عوام جي بهتري لاءِ اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. هن چيو ته سارڪ ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ مالياتي شعبن ۾ ڪيترن ئي طريقن سان مجموعي تعاون کي فروغ ڏنو ويو آهي جيڪو مرحليوار ۽ منظم طريقي سان ڏکڻ ايشيائي اقتصادي يونين جي حاصل ڪرڻ بابت آهي. هن چيو ته سارڪ جي پليٽ فارم تان ٺوس ڪوششن ذريعي خطي جي عوام کي غربت ۽ بک ۽ بدحالي کان ٻاهر آڻي سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ سارڪ ناڻي وارن وزيرن جو ڪردار وڏي اهميت وارو آهي. هن چيو ته هيستائين سارڪ ناڻي وارن وزيرن جا 7 اجلاس ڪاميابي سان ٿي چڪا آهن ۽ هي اٺون اجلاس آهي. اسحاق ڊار چيو ته ڏکڻ ايشيائي علائقائي اتحاد جي راهه ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اڄ جنهن اجلاس ۾ ڏکڻ ايشيائي اقتصادي يونين قائم ڪرڻ جي حوالي سان ٺوس تجويزون جوڙيون وينديون جنهن سان خطو غربت جي خاتمي ۽ علائقائي تعاون وڌائڻ بابت عمل جي قابل رستو مهيا ٿيندو. اسحاق ڊار چيو ته اٺين سارڪ ناڻي وارن وزيرن جي اجلاس جون سفارشون هلندڙ سال 9 کان 10 نومبر تائين اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سارڪ سربراهي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون. ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار اٺين سارڪ ناڻي وارن وزيرن جي اجلاس جو چيئرمين چونڊجڻ تي شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.