والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي جدوجهد لاءِ پنهنجي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکنداسين: وزيراعظم محمد نواز شريف

والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي جدوجهد لاءِ پنهنجي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکنداسين: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي جدوجهد لاءِ پنهنجي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکنداسين. هن اها ڳالهه آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي نئين چونڊيل صدر مسعود خان سان ڪالهه جمعي ڏينهن ڳالهائيندي چئي. مسعود خان جيڪو اڳوڻو ناليوارو سفارتڪار آهي ۽ گڏيل قومن ۾ مستقل نمائندي جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ان سان ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته هو ڪشمير ڪاز جي وڪالت ڪندو ڇو ته هاڻي وٽس والاريل ڪشمير جي عوام جي آزادي جي نصب العين جي بهتر وڪالت لاءِ هڪ وسيع پليٽ فارم موجود آهي. وزيراعظم مسعود خان کي سندس صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته نئون صدر پنهنجي وسيع تر تجربي کي آزاد ڪشمير جي عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ۾ آڻيندو. وزيراعظم مسعود خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”توهان جون موجوده آئيني ذميواريون توهان جي پيشيواراڻي ڪيريئر دوران سرانجام ڏنل فرضن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهن، اسان کي اميد آهي ته توهان چونڊيل حڪومت کي بهتر طرز حڪمراني، ادارن جي استحڪام ۽ آزاد ڪشمير جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر بڻائڻ جي حوالي سان رهنمائي مهيا ڪندا.“ وزيراعظم چيو ته اسان سمجهون ٿا ته آزاد ڪشمير جي صدر جو عهدو راجا فاروق حيدر جي قيادت ۾ چونڊيل حڪومت کي صحت ۽ تعليم جي اهم شعبن ۾ سڌارا متعارف ڪرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير جي حڪومت کي علائقي جي عوام جي خدمتن جي ڪوششن ۾ وڌ کان وڌ حمايت فراهم ڪندي، اسان عوام جي خدمت تي پڪو يقين رکون ٿا ۽ آزاد ڪشمير تائين به پنهنجي ترقياتي ايجنڊا کي سگهه ڏينداسين. ان موقعي تي مسعود خان چيو ته هو آزاد ڪشمير جي عوام جي بهتري لاءِ پنهنجون توانايون ۽ تجربا استعمال ۾ آڻيندو. هن وزيراعظم کي چيو ته هو پارٽي پاران مٿس ڪيل اعتماد تي تمام گهڻو ٿورائتو آهي ۽ هو وزيراعظم جي ويزن ۽ پاليسين موجب فرضن جي ادائيگي لاءِ آزاد ڪشمير جي حڪومت جي مدد ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو.