اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26اگست 2016ء) صدر ممنون حسين قومي اسيمبلي جو اجلاس 2 سيپٽمبر صبح جو 11 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب صدر آئين جي آرٽيڪل (1) 54 تحت حاصل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو آهي جنهن ۾ ايوان جي معمول جي ڪارروائي سميت اهم قومي معاملا غور هيٺ آندا ويندا.
صدر پاران قومي اسيمبلي جو اجلاس 2 سيپٽمبر تي طلب
7 سال پھريان
