پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي عوام کي غربت، ناخواندگي ۽ ٻين سماجي براين مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ سارڪ جي ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي عوام کي غربت، ناخواندگي ۽ ٻين سماجي براين مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ سارڪ جي ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي عوام کي غربت، ناخواندگي ۽ ٻين سماجي براين مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ سارڪ جي ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ڏکڻ ايشيا خطي جي اقتصادي ترقي ۽ امڪاني علائقائي هم آهنگي جي خواب کي عملي جامعو پارائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سارڪ جي پليٽ فارم ذريعي علائقائي ترقي تي يقين رکون ٿا، پاڪستان خطي جي عوام جي امنگن کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هو ڪالهه جمعي ڏينهن هتي سارڪ ملڪن جي ناڻي وارن وزيرن جي اٺين اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. هن سارڪ تنظيم کي عوام جي اميدن موجب وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان سلسلي ۾ سارڪ جا ميمبر ملڪ سيڪريٽريٽ، علائقائي مرڪز ۽ خصوصي تنظيمون جوڙڻ، پائيدار ۽ ٺوس ڪوششون ڪن، وزيراعظم چيو ته پاڪستان علائقائي مسئلن جي سارڪ سطح جي حل تي يقين رکي ٿو ۽ ان پاران کنيل سمورن قدمن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. پاڪستان توانائي جي مقامي وسيلن جي مٽاسٽا جي لاءِ توانائي جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ علائقائي ڪوششن جو به حامي آهي. وزيراعظم چيو ته روڊ، ريل ۽ فضائي رابطا خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم آهن. وزيراعظم چيو ته ٽي ڏهاڪا اڳ سارڪ تنظيم جو قيام سماجي ڀلائي جي فروغ، زندگي جي معيار کي بهتر ڪرڻ ۽ ثقافتي ترقي جي عزم سان عمل ۾ آندو ويو هو. هن چيو ته هڪ ٻئي تي وڌندڙ دارومدار ۽ گڏيل مسئلن سان علائقائي حل ڳولڻ جي ضرورت وڌي آهي، وڌندڙ رابطا مواصلات ۾ آساني، آزاد واپار ۽ غربت، بک ۽ غذائي کوٽ جي خاتمي جي حل سان دنيا کي علائقائي تعاون کي وڌائڻ ۾ مدد ملي آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن، بيمارين جي پکيڙ ۽ اقتصادي ۽ سماجي مسئلن جي اثرن تي علائقائي سطح تي گڏيل حڪمت عملي ذريعي اڳڀرائي ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته ڏکڻ ايشيا وسيع موقعا رکندڙ خطو آهي، عوام جي امن ۽ عوامي خوشحالي جي لاءِ انهن وسيلن جو ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ سارڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪستان جي اقتصادي بحالي جي ڪوششن سان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندي چيو ته اسان جي حڪومت ملڪ ۾ اقتصادي استحڪام آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ليگل ريگيوليٽري ۽ سپروائيزري فريم ورڪ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سڌارا جاري رکيا آهن، ملڪ جي سڌارن واري حڪمت عملي جو مقصد ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۽ سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ آهي، مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام جي نتيجي ۾ عام ماڻهن تائين ان جا فائدا پهچي رهيا آهن. محمد نواز شريف چيو ته پاڪستان خطي جي عوام جي اميدن ۽ خواهشن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، اسان سمجهون ٿا ته ڪيترن ئي چئلينجن باوجود سارڪ ڏکڻ ايشيا ۾ وسيع تر علائقائي اتحاد جي فروغ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. وزيراعظم سارڪ ملڪن جي وفدن جي آجيان ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته هُو تنظيم کي وڌيڪ فعال ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ لاڀائتيون سفارشون ڏيندا. هن چيو ته سارڪ ناڻي وارن وزيرن جي اجلاس جون سفارشون هلندڙ سال 9 ۽ 10 نومبر تي پاڪستان ۾ ٿيندڙ 19 هين سارڪ سربراهي ڪانفرنس جي ايجنڊا جي تياري ۾ مددگار ثابت ٿينديون. افتتاحي سيشن ۾ سارڪ ملڪن جي ناڻي وارن وزير، ناڻي واري سيڪريٽرين، مرڪزي بئنڪن جي سربراهن کانسواءِ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، سفارتڪارن ۽ سينيئر عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ۽ سارڪ جي سيڪريٽري جنرل ارجن بهادر ٿاپا پڻ خطاب ڪيو.