سارڪ ناڻي وارن وزيرن جو اٺون اجلاس اڄ ٿيندو

سارڪ ناڻي وارن وزيرن جو اٺون اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 25اگست 2016ء) سارڪ ناڻي وارن وزيرن جو اٺون اجلاس اڄ جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ افغانستان، بنگلاديش، ڀوٽان، ڀارت، مالديپ، نيپال ۽ سريلنڪا سميت سمورن سارڪ ملڪن جا نمائندا شرڪت ڪندا. وزيراعظم نواز شريف پڻ وزارتي اجلاس جي افتتاحي سيشن ۾ شرڪت ڪندو. اجلاس ۾ سارڪ مڪينزم تحت خطي ۾ جاري مختلف سرگرمين تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ سائوٿ ايشين اڪنامڪ يونين جي لاءِ علائقائي تعاون وڌائڻ بابت قدم تجويز ڪيا ويندا. سارڪ ناڻي وارن وزيرن جي اجلاس کان خميس ڏينهن سارڪ ناڻي وارن سيڪريٽرين جو پڻ اجلاس ٿيو. سارڪ ناڻي وارن وزيرن جي اجلاس جي پڄاڻي تي ناڻي وارو وفاقي وزير ميڊيا کي بريفنگ ڏيندو.