قومي اسيمبلي جي دفاعي پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي دفاعي پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 25اگست 2016ء) قومي اسيمبلي جي دفاعي پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي دفاعي پيداوار واري وزارت بابت عدالتي معاملا اڪلائڻ جي لاءِ وڪيل فرم جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي دفاعي پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس محمد معين وٽو جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. دفاعي پيداوار واري وزارت جي ماتحت اداري ڊائريڪٽوريٽ جنرل ڊفينس پروچيز (ڊي جي ڊي پي) جي سربراهه ميجر جنرل نويد احمد ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته دفاعي پيداوار ڊويزن کي وزارت جو درجو ملڻ کانپوءِ ٽنهي هٿياربند فوجن جي لاءِ دفاعي اوزارن جي خريداري ۽ سپلاءِ جي ذميواري ڊي جي ڊي پي جي حوالي ڪئي وئي آهي جنهن کي احسن طريقي سان سرانجام ڏئي رهي آهي. ڪميٽي ڊي جي ڊي پي جي مجموعي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس لاءِ ڊي جي ڊي پي آرمي کي پڻ دعوت ڏني وڃي ته جيئن هو پنهنجي ذميوارين جي حوالي سان بريفنگ ڏي. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن محمد خان ڊاها، چوڌري حامد حميد، عماره خان، عصفت لياقت ۽ رميش ڪمار شريڪ هئا.