قومي اسيمبلي جي ڪابينا ڊويزن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

قومي اسيمبلي جي ڪابينا ڊويزن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 25اگست 2016ء) قومي اسيمبلي جي ڪابينا ڊويزن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ جمعي ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڍي ڏهين وڳي ٿيندو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين رانا محمد حيات خان ڪندو. اجلاس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي ترميمي بل 2014ع پاڪستان بيت المال ترميمي بل 2016ع سميت مختلف بلن تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ آڪسيجن نائٽروجن گئس جي خريداري ۽ دوائن جي حوالي سان پولي ڪلنڪ اسپتال جي انتظاميا ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي جڏهن ته چيئرمين جي اجازت سان ٻين مختلف معاملن تي غور پڻ ڪيو ويندو.