سينيٽ جي دفاع ۽ پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو گڏيل اجلاس

سينيٽ جي دفاع ۽ پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو گڏيل اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 25اگست 2016ء) سينيٽ جي دفاع ۽ پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي گڏيل اجلاس کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪ افغان سرحدي انتظام تحت سلامتي کي موثر بڻائڻ جي لاءِ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري (ايف سي) جون 72 ونگون ٺاهيون پيون وڃن، طورخم کانپوءِ چمن بارڊر سميت چئن وڏن پراسيسنگ پوائنٽس تي چرپر جي موثر نگراني لاءِ پاڪستان پاران ڪم جاري آهي، پاڪ افغان سرحد تي پاڪستاني حدن ۾ 6 پوسٽون قائم آهن جڏهن ته افغانستان ۾ رڳو هڪ چيڪ پوسٽ آهي، ملڪي دفاعي ضرورتن کان آگاهه آهيون، انهن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سمورن آپشنز تي غور ڪري رهيا آهيون جن جي لاءِ مختلف ملڪن سان ڳالهيون جاري آهن، ڪنهن افغان شهري کي ڪاغذن سان ۽ جائز ڪم جي لاءِ اچڻ کان نه روڪيو ويندو پر بنا سفري ڪاغذن ۽ بدامني ڪندڙن جو رستو سدائين لاءِ بند ڪري رهيا آهيون، سينيٽ جي دفاع ۽ پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو گڏيل اجلاس سينيٽر مشاهد حسين سيد ۽ سينيٽر نزهت ياسمين جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. ڪميٽي ۾ وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري، دفاع واري وزارت جو وقتي سيڪريٽري ريئر ايڊمرل مختيار خان کانسواءِ دفاع واري وزارت ۽ پرڏيهي وزارت جا اعليٰ عملدار ۽ ٻنهي ڪميٽين جا ميمبر ان موقعي تي موجود هئا. دفاع واري وقتي سيڪريٽري ريئر ايڊمرل مختيار خان ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. پاڪ افغان سرحدي انتظام جي حوالي سان ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري ٻڌايو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيو آهي، پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي، اسان جو موقف آهي ته آمريڪا، افغانستن، چين، طالبان ۽ ٻيون لاڳاپيل ڌريون جيڪڏهن افغانستان جو مستقل حل چاهين ٿا ته ان جو حل رڳو گڏيل ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي، ان سان گڏوگڏ ڪجهه ڪم اهڙا آهن جيڪي افغانستان جي اندر ٿيڻا آهن ۽ اهي افغان حڪومت کي ڪرڻا آهن، سڀ کان پهرين افغان حڪومت طالبان کي هڪ ٺوس پيغام ڏي ته هو ڳالهين جي حوالي سان سنجيده آهن، افغان حڪومت جي لاءِ هڪ اهڙو پئڪيج ڏين ته هو جيڪڏهن انتهاپسندي جو رستو اختيار نه ٿا ڪن ته افغانستان ۾ انهن جي لاءِ ڪو متبادل انتظام هجي جنهن ۾ هو معمول جي زندگي گذارڻ جي قابل بڻجي سگهن، جيڪڏهن اهڙو ڪو پيغام افغان حڪومت پاران طالبان ڏانهن ويندو ته طالبان کي به احساس ٿيندو ته جنگ بدران ميز تي ويهي سمورا معاملا حل ڪرڻ ۾ ئي فائدو آهي ڇو ته جيڪڏهن افغانستان جي سيڪيورٽي فورسز به ڪامياب نه ٿي سگهي ته ان جا منفي اثر پوڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته سرحدي انتظام کي بهتر بڻائڻ جهڙا معاملا افغانستان کان ٻاهر ٿيڻا آهن، افغان حڪومت پاران غيررياستي عنصرن جي داخل ٿيڻ جون شڪايتون آهن اهڙي طرح پاڪستان کي به خدشا آهن ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻيا دهشتگرد افغانستان کان اچن ٿا ۽ ڪارروائي ڪن ٿا، انهن خدشن جي ازالي لاءِ پاڪ افغان سرحد تي انتظام کي موثر بڻائڻو پوندو ڇو ته اهو پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي جي لاءِ فائديمند آهي. هن ٻڌايو ته پاڪ افغان سرحدي انتظام لاءِ ايف سي جون 72 ونگون ٺاهيون پيون وڃن، ان تي ڪم تيزي سان جاري آهي، ڪميٽي جي چيئرمين مشاهد حسين سيد چيو ته ماضي ۾ جيڪي به غلطيون ٿيون آهن ان مان سبق سکڻ جي ضرورت آهي ۽ اهڙا قدم کنيا وڃن ته ٻيهر اهڙيون غلطيون نه ٿين ان حوالي سان دفاع واري وزارت تفصيلي جواب ڏي. مشاهد حسين سيد سيڪيورٽي جي حوالي سان آمريڪي دفاع واري نائب وزير جي قيادت ۾ وفد جي ايندڙ مهيني 19 کان 31 ڊسمبر پاڪستان اچڻ ۽ اجلاس جي تفصيلي رپورٽ به دفاع واري وزارت ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن آئنده جي لاءِ هڪ موثر ۽ جامع پاليسي لاءِ سفارشون تيار ڪري سگهجن.