هلال احمر جي ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ انجمن جي سمورين تنظيمن کي ضابطي ۾ آندو وڃي: صدر ممنون حسي

هلال احمر جي ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ انجمن جي سمورين تنظيمن کي ضابطي ۾ آندو وڃي: صدر ممنون حسي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 25اگست 2016ء) صدر ممنون حسين قدرتي آفتن ۽ حادثن جي موقعن تي انجمن هلال احمر پاڪستان جي خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته ان جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ انجمن جي سمورين تنظيمن کي هڪ ضابطي ۾ آندو وڃي ۽ ان جي لاءِ سموريون ضروري گهرجون پوريون ڪيون وڃن. صدر اها ڳالهه ڪالهه خميس ڏينهن هتي انجمن هلال احمر پاران پيش ڪيل هڪ بريفنگ جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي انجمن هلال احمر پاڪستان جو چيئرمين ڊاڪٽر سعيد الاهي ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. صدر هدايت ڪئي ته آفتن، حادثن ۽ ان جهڙي صورتحال ۾ بهتر ڪارڪردگي جي لاءِ لاڳاپيل شعبن ۾ تربيت يافته افرادي قوت جي تياري لاءِ انجمن هلال احمر ٺوس منصوبابندي ڪري ته جيئن خدمتن جي معيار ۾ بهتري اچي سگهي ۽ پاڪستان ان سلسلي ۾ پاڙيسري ملڪن جي مدد ڪرڻ جي به قابل ٿي سگهي. هن هدايت ڪئي ته انجمن هلال احمر پاڪستان ان سلسلي ۾ شروعاتي طور تي تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين جو تعاون حاصل ڪري ۽ مستقل يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪري. صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ انجمن هلال احمر جي صوبائي ۽ علائقائي شاخن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ گڏيل ضابطي جي ضرورت آهي جنهن تي تيز رفتاري سان ڪم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته صوبائي ۽ علائقائي تنظيمن کي هڪ دائري ۾ آڻي انجمن جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ تيزي آڻي سگهجي. هن هدايت ڪئي ته زندگي جي مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ٻين ادارن ۽ انجمن هلال احمر جي وچ ۾ موثر رابطا قائم ٿيڻ گهرجن ته جيئن امدادي سرگرميون وڌيڪ موثر ٿي سگهن. انجمن هلال احمر جي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد الاهي ان موقعي تي انجمن جي سرگرمين ۽ خدمتن بابت صدر کي بريفنگ ڏني. صدر انجمن جي خدمت کي ساراهيندي چيو ته هو پنهنجي سرگرمين جي دائري ۾ وڌيڪ سگهه آڻي ۽ پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن جي زندگي ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ قومي تحقيقي ادارن سان گڏجي موثر قدم کڻن.