اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف کي فاٽا سڌارن واري ڪميٽي پاران پيش ڪيل رپورٽ کي عام ڪيو ويندو ته جيئن ان تي وڌيڪ بحث خيالن جي ڏي وٺ کانپوءِ انهن سفارشن تي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب فاٽا ۾ سڌارن بابت رپورٽ تي ڪالهه اربع ڏينهن نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد ٿيل اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اي پي پي کي مليل تفصيلن موجب وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز جي سربراهي ۾ 5 رڪني فاٽا سڌارن واري ڪميٽي وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقي فاٽا جي پارليامينٽ ميمبرن، قبائلي اڳواڻن ۽ سمورين ڌرين سان ملاقاتن کانپوءِ سڌارن جي لاءِ چار بنيادي آپشنن جي سفارش ڪئي آهي پر فاٽا جو خيبرپختونخواهه سان انضام تي وسيع اتفاق راءِ آهي، انهن چئن آپشنن مان هڪ اهو آهي ته موجوده صورتحال کي برقرار رکيو وڃي پر عدالتي ۽ انتظامي سڌارا متعارف ڪرايا وڃن ۽ ترقياتي سرگرمين تي ڌيان ڏنو وڃي. ٻيو آپشن اهو آهي ته گلگت بلتستان جي طرز تي فاٽا ڪائونسل جوڙي وڃي، ٽيون آپشن اهو آهي ته فاٽا جو هڪ جدا صوبو ٺاهيو وڃي، چوٿون آپشن اهو آهي ته فاٽا کي خيبرپختونخواهه سان اهڙي طرح ملايو وڃي جو هر ايجنسي هڪ جدا ضلعو هجي ۽ ايف آرز اينٽيگريٽڊ هجن. ڪميٽي پاران ڪيل وسيع تر مشاورت سان اها ڳالهه سامهون آئي ته فاٽا جي خيبرپختونخواهه سان انضمام تي وسيع اتفاق راءِ آهي تنهن هوندي به ڪرم باجوڙ ۽ ايف آر پشاور کانسواءِ قبائلي اڳواڻ موجوده خصوصي حيثيت برقرار رکڻ چاهين ٿا. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته سياسي پارٽيون، نوجوان، ڪاروباري ۽ پڙهيل لکيل طبقو واضح طور تي فاٽا جي خيبرپختونخواهه سان انضمام جو حامي آهي ۽ هنن اعليٰ عدليه ۾ رٽ جي حوالي سان پڻ دليل ڏنا. ٻي ڳالهه اها آهي ته قبائلي عوام ان سان گڏ ئي نئين نظام تحت رواج ۽ جرڳي سسٽم کي تسليم ڪرڻ ذريعي پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکڻ چاهي ٿي. هنن فاٽا سڌارن جي لاءِ مرحليوار اپروچ اختيار ڪرڻ جي لاءِ دليل ڏنا ته جيئن لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهو پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي سگهن ۽ علائقي ۾ جنگ جي صورتحال کانپوءِ پائيدار امن کي يقيني بڻائي سگهجي. جاگرافيائي بيهڪ، ايجنسين جي وچ ۾ ڪمزور مواصلاتي رابطن ۽ محدود مالي وسيلن سبب فاٽا کي جدا صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان حمايت موجود نه آهي. اهڙي طرح گلگت بلتستان ڪائونسل جي طرز تي فاٽا ڪائونسل جي تجويز کي پڻ وڌيڪ حمايت حاصل نه آهي. ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته هڪ ٽرانزيشنل قدم طور پڻ ان سان نوان مخصوص مفاد پيدا ٿيندا جن سان وڌيڪ سڌارن جو عمل رڪجي سگهجي ٿو، چوٿون آپشن يعني فاٽا جي خيبرپختونخواهه سان انضمام جي حوالي سان وسيع تر حمايت سامهون آئي ڇو ته ان تجويز تي عمل سان تمام گهڻو فائدو ٿي سگهي ٿو ۽ اها فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي حوالي سان واحد معقول چونڊ آهي ڇو ته اهڙي طرح فاٽا جي عوام خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلي ۾ پنهنجا نمائندا پاڻ چونڊڻ جي قابل هوندي. ان آپشن تحت سيڪيورٽي انفراسٽرڪچر بشمول ليويز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مضبوط ۽ انهن جو معيار بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ پوري فاٽا تائين ان جو دائرو وسيع ڪرڻو پوندو. اهڙي طرح هٿياربند فوج کي فاٽا ۾ سيڪيورٽي لاءِ پنهنجو ڪردار چئن کان پنجن سالن جي اندر ختم ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. رپورٽ موجب علائقي ۾ امن کانپوءِ قبائلي عوام جي بحالي، جنگي بنيادن تي قبائيل علائقن جي نئين سر تعمير ۽ روزاني جي سرگرمين جي بحالي سڀ کان وڌيڪ ترجيح هجڻ گهرجي. 2016ع جي آخر تائين لڏپلاڻ ڪندڙن جي واپسي ٿيڻ گهرجي جڏهن ته 2018ع جي آخر کان اڳ نئين سر تعمير جو مرحلو مڪمل ٿيڻ گهرجي، ان لاءِ تمام گهڻن مالي وسيلن ۽ سيفران، فاٽا سيڪريٽريٽ، آرمي فارميشنز ۽ ايف ڊبليو او/ اين ايل سي سميت سمورن وفاقي ادارن کي دعوت ڏئي سگهجي ٿي، 10 سالن جي ترقياتي پروگرام ۾ انفراسٽرڪچر ۽ آبپاشي جا منصوبا، معدنيات جي ترقي جو پروگرام ۽ تعليم، صحت سميت يونيورسٽي، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجز، فني تربيت جي فراهمي ۽ انڊسٽريل زون جهڙا منصوبا شامل ڪرڻ گهرجن، 10 سالن واري پروگرام جو بنيادي مقصد فاٽا کي پاڪستان جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ آهي. فاٽا ڊولپمينٽ اٿارٽي کي وڏي انفراسٽرڪچر منصوبن تي عمل جي لاءِ 10 سالن جي منصوبي تحت وڌيڪ اختيار ڏئي سگهجن ٿا، 10 سالن جي منصوبي ۾ لوڪل باڊيز ذريعي 30 سيڪڙو فنڊز مخصوص ڪرڻ گهرجن. فاٽا ۾ سمورين پوسٽن کي خيبرپختونخواهه جي برابر اپ گريڊ ڪرڻ گهرجي، فاٽا ۾ منصوبن تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جو پگهار 20 سيڪڙو وڌيڪ هجڻ گهرجن، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ خاص مراعتون ڏيڻ گهرجن ۽ مفت زمين فراهم ڪرڻ گهرجي. فاٽا ۾ وڌيڪ بئنڪون قائم ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ کي قدم کڻڻ گهرجن. پرائيويٽ بئنڪن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، انضمام جي 10 سالن کانپوءِ تائين تعليم ۽ صحت جي ادارن ۾ فاٽا جي شاگردن جي ڪوٽا ٻيڻي ڪرڻ گهرجي، بحالي جي مرحلي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فاٽا ۾ 2017ع جي آخر کان اڳ پارٽي بنيادن تي مقامي حڪومتن جي چونڊ ڪرائي سگهجي ٿي، ان جي لاءِ فاٽا لوڪل گورنمينٽ ريگيوليشن لاڳو ڪرڻ جي ضرورت پوندي جيڪا ٽن مهينن جي اندر ٺهڻ گهرجي. چونڊ فهرستن کي اپ گريڊ ڪرڻ، تڪبندين کي حتمي شڪل ڏيڻ سميت سمورا ٻيا معاملا 2017ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ مڪمل ڪري سگهجن ٿا. اليڪشن ڪميشن آفيس پشاور ۾ ان مقصد جي لاءِ فاٽا جو هڪ جدا يونٽ قائم ڪري سگهجي ٿو. رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته انهن سڌارن جي ڪاميابي جو دارومدار اداراجاتي سگهه ۾ اضافو ۽ گهربل افرادي قوت جي فراهمي تي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اها ڳالهه اهميت رکندڙ آهي ته پوليٽيڪل ايجنٽ جو ادارو سڌارن جي عمل جو محور آهي ان لاءِ ان کي برقرار رهڻ گهرجي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي پاران سفارش ڪيل سڌارن تي موثر ۽ وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عملدرآمد جو هڪ بهتر مڪينزم ضروري آهي، ان حوالي سان ڪابينا سطح جي ڪميٽي هجڻ گهرجي ۽ سڌارن جي هر حصي جي لاءِ مخصوص يونٽن سان سڌارن ۽ ٽرانزيشن جو خصوصي ڊائريڪٽوريٽ هجڻ گهرجي. رپورٽ حتمي طور تي پيش ڪرڻ کانپوءِ ان کي عام ڪيو ويندو ته جيئن ميڊيا ۾ انهن سفارشن تي بحث ٿي سگهي. ڪميٽي جو چيئرمين فاٽا مان 19 پارليامينٽ ميمبرن جو اتفاق راءِ حاصل ڪندو جڏهن ته ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان پڻ ان حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو ته جيئن انهن سفارشن تي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي راءِ اچي سگهي.
فاٽا سڌارن بابت رپورٽ کي عام ڪيو ويندو: وزيراعظم هائوس
9 سال پھريان
