سينيٽ جي ناڻي، روينيو، اقتصادي معاملن، شماريات ۽ نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي ناڻي، روينيو، اقتصادي معاملن، شماريات ۽ نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24اگست 2016ء) سينيٽ جي ناڻي، روينيو، اقتصادي معاملن، شماريات ۽ نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي مالي سال 16 – 2015ع دوران 3.112 ارب رپين جي ٽيڪس اوڳاڙين تي فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ٽيڪس ڏيندڙن جي لاءِ سهولت تي ٻڌل نظام جوڙڻ جي سفارش ڪئي آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽي نوان ڪرنسي نوٽ اوپن مارڪيٽ بدران بئنڪن کان جاري ڪرڻ جو مڪينزم تيار ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ ڪالهه اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر سسئي پليجو جي سينيٽ اجلاس ۾ پيش ڪيل قرارداد جيڪا شماريات جي گورننگ ڪائونسل ۾ فاٽا ۽ چئني صوبن جي نمائندگي جي حوالي سان هئي ان کانسواءِ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي مالي سال 16 – 2015ع ۾ گڏ ڪيل ٽيڪسن جا تفصيل ۽ مالي سال 17 – 2016ع جي هدف کانسواءِ گذريل ٻن سالن دوران جاري ڪيل ايس آر اوز جي تفصيلن ۽ اسٽيٽ بئنڪ آڦ پاڪستان کان اوپن مارڪيٽ ۾ نئين ڪرنسي نوٽن جي ڏيتي ليتي جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا سينيٽر سسئي پليجو جي سينيٽ ۾ پيش ڪيل قرارداد جي حوالي سان چيو ته معاملي جو اڳ ۾ به تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي اڄ ان سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي، هڪ رپورٽ ٺاهي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. ايف بي آر جي چيئرمين نثار محمد اسٽينڊنگ ڪميٽي کي مالي سال 16 – 2015ع ۾ گڏ ڪيل ٽيڪس تفصيلن کان آگاهه ڪندي چيو ته 16 – 2015ع ۾ 3،112.0 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا جڏهن ته گذريل سال 2،589.9 ارب گڏ ڪيا ويا هئا، هن سال ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 20 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر محمد محسن خان لغاري، سردار فتح محمد محمد حسني، مشاهد الله خان ۽ ڪامل علي آغا کانسواءِ شماريات جي سيڪريٽري، چيف شماريات، چيف ايف بي آر، ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ کانسواءِ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.