اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24اگست 2016ء) قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي بيورو چيفس ۽ اسٽيشن انچارجز جو هڪ ڏينهن وارو اجلاس ادارتي ڪم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ صحيح رخن تي آڻڻ جي عزم سان پڄاڻي تي پهتو. مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ اجلاس جي صدارت ڪندي بيورو سربراهن تي زور ڀريو ته اهي خاص طور تي تعليم، صحت ۽ سماجي شعبن ۾ حڪومت جي ترقياتي سرگرمين کي اجاگر ڪرڻ وارين خبرن جي سبسڪرائبرز تائين تيز ترين پهچ کي يقيني بڻائين. هن بيورو چيفس ۽ اسٽيشن مئنيجرز کي هدايت ڪئي ته اهي پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي منصوبن کي اجاگر ڪن. اجلاس ۾ اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور، حيدرآباد، فيصل آباد ۽ راولپنڊي جي بيورو چيفس کانسواءِ ملتان، بهاولپور، سرگوڌا، سيالڪوٽ، ايبٽ آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، سکر، گلگت ۽ لاڙڪاڻي جي اسٽيشن انچارجز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر، ڊائريڪٽر ڪوآرڊينيشن، ڊائريڪٽر نيوز، چيف نيوز ايڊيٽر ۽ انچارج اردو سروس پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ دوران مئنيجنگ ڊائريڪٽر چيو ته قومي خابرو اداري جي سڃاڻپ سبسڪرائبرز کي مستند ۽ اعتماد جوڳيون خبرون ڏيڻ آهي ۽ اهو پنهنجو اعزاز آئنده به برقرار رکندو. اجلاس ۾ بيورو چيفس ۽ اسٽيشن مئنيجرز کي پرنٽ سبسڪرائبرز جي ضرورتن موجب مقامي ۽ قومي خبرن جي مناسب ۽ فوري ايڊيٽنگ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي، انهن کي هيٺئين سطح تي ضلعي نمائندن ذريعي اهم سرگرمين جي ڪوريج ۽ سبسڪرائبرز تائين خبرن جي تيز ترين پهچ کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي، ان سان پرنٽ ميڊيا ۾ وڌيڪ جاءِ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. بيوروز ۽ اسٽيشنن جي سربراهن کي مختلف سرگرمين جي موثر ڪوريج جي لاءِ پنهنجي رپورٽرز کي مناسب بيٽس ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي. بيورو چيفس ۽ اسٽيشن انچارجز مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي پنهنجي لاڳاپيل آفيسن جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. کين يقين ڏياريو ويو ته سندن معاملن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا ۽ پيشيواراڻا معاملا انجام ڏيڻ لاءِ سامان مهيا ڪيو ويندو ته جيئن اهي وڌيڪ موثر انداز ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهن. بيورو چيفس ۽ اسٽيشن انچارجز اجلاس منعقد ڪرڻ کي ساراهيندي اهڙي قسم جي اجلاسن جي مستقل بنيادن تي منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن کين مناسب رهنمائي ۽ آگاهي ملي سگهي. بعد ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ شرڪت ڪندڙن جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو جنهن ۾ ايم آفتاب، مفتي جميل الدين احمد، طارق امام، اشفاق گوندل، راءِ رياض حسين، محمد رياض، غلام حضور باجوه ۽ اعجاز احمد سميت اداري جي اڳوڻن سربراهن پڻ شرڪت ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 20:26
اي پي پي جي بيورو چيفس ۽ اسٽيشن انچارجز جو اجلاس، خبرن جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ جو فيصلو
9 سال پھريان
