اسان کي پرامن گڏيل بقاءَ ۽ مذهبي هم آهنگي لاءِ برداشت، رواداري ۽ گڏيل احترام جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسان کي پرامن گڏيل بقاءَ ۽ مذهبي هم آهنگي لاءِ برداشت، رواداري ۽ گڏيل احترام جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد(پاکستان نیوز پوائنٹ 24اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف مختلف فرقن جي پوئلڳن جي وچ ۾ بين العقيده هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ عالم سڳورن ۽ مذهبي اسڪالرن جي ڪردار کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته اسان کي پرامن گڏيل بقاءَ ۽ مذهبي هم آهنگي جي پنهنجي گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ برداشت، رواداري ۽ گڏيل احترام جي اعليٰ قدرن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه اربع ڏينهن دائودي بوهره برادري جي سربراهه ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي سربراهي ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي آجيان ڪندي چيو ته سندس پاڪستان جي دوري سان عوام جي وچ ۾ سماجي ۽ ثقافتي رشتن کي هٿي ملندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ بوهره برادري قومي ترقي خاص طور تي ملڪ ۾ واپاري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، تعليم ۽ صحت سميت سماجي شعبي ۾ انهن جون خدمتون تحسين جوڳيون آهن. ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ بوهره برادري ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان ڪردار ادا ڪندي پاڻ کي هڪ اثاثو ثابت ڪيو آهي. هن حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ اقتصادي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي. هن ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين چيو ته اسان جي برادري ملڪ جي بهتر خدمتن جي لاءِ نئين جوش ۽ جذبي سان پنهنجي پاڪستاني هم وطنن سان گڏجي ڪم ڪندي.