وزيراعظم جي صدارت ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت اجلاس

وزيراعظم جي صدارت ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف مختلف صوبائي ۽ وفاقي ايجنسين پاران نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد تي اڳڀرائي جي جائزي لاءِ ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ته دهشتگردي جي لعنت جو خاتمو نه ته چوائس ۽ نه ئي آپشن آهي پر اهو اسان جي وجود ۽ بقاءَ جي لاءِ لازمي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن باتب مختلف قانونن جو پڻ جائزو ورتو ويو ۽ انهن قانونن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ طريقن تي پڻ غور ڪيو ويو. قومي سلامتي جي صلاحڪار ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي عملدرآمدي ۽ جائزه ڪميٽي جي ڪنوينر ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه نيشنل ايڪشن پلان جي مختلف رخن جي حوالي سان عملدرآمد جي صورتحال بابت پريزنٽيشن ڏني. وزيراعظم هيستائين مختلف صوبائي ۽ وفاقي ايجنسين پاران ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته عملدرآمد جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي. فاٽا سڌارن واري ڪميٽي پاران وزيراعظم کي پيش ڪيل رپورٽ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڪميٽي جي سفارشن تي قومي اتفاق راءِ جوڙڻ جي لاءِ وڌيڪ بحث جي لاءِ ان رپورٽ کي عام ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز،س ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.