اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ تڪرار يورپ کي هڪ ٻي سرد جنگ ۾ ڌڪي سگهي ٿو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ تڪرار يورپ کي هڪ ٻي سرد جنگ ۾ ڌڪي سگهي ٿو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

گڏيل قومون (پاکستان نیوزپوائنٹ22ستمبر2017ء) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ تازو تڪرار يورپ کي هڪ ٻي سرد جنگ ۾ ڌڪي سگهي ٿو، جڏهن ته ايشيا ۾ امن ۽ خوشحالي کي ڏکڻ اوڀر ۽ اولهه ايشيا ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ اڀرندڙ عالمي طاقتن جي مزاحمت مان خطرو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته شام، عراق، يمن سميت وچ اوڀر ۾ هر هنڌ جنگ ۽ تشدد آهي، هن چيو ته جيتوڻيڪ عراق ۽ شام ۾ داعش ڪمزور ٿي آهي پر وچ اوڀر، آفريقا ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ دهشتگرداڻو تشدد پکڙي چڪو آهي، هن چيو ته فلسطين جي الميي جو انت ٿيندي نظر نٿو اچي. اسرائيل جي غير قانوني ڏاڍ ۽ غير قانوني بستين ۾ توسيع سان مقدس سرزمين تي تشدد پکڙجندو نظر اچي رهيو آهي، هن چيو ته نسل پرستي ۽ مذهبي منافرت، اسلامي فوبيا ۽ زينوفوبيا ۾ بدلي چڪي آهي ۽ دنيا جي مختلف قومن ۽ عوام جي وچ ۾ ديوارون ۽ نفسياتي رڪاوٽون بيهاري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته روهنگيا جي مسلسمانن جي نشل ڪشي نه صرف انسانيت جي سمورن بنيادي قدرن جي خلاف آهي پر هي اسان جي اجتماعي ضمير لاءِ به چئلينج آهي۔