پاڪستان هڪ اعتدال پسند، امن پسند ۽ ترقي پسند اسلامي رياست آهي: صدر ممنون حسين

پاڪستان هڪ اعتدال پسند، امن پسند ۽ ترقي پسند اسلامي رياست آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24اگست 2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان هڪ اعتدال پسند، امن پسند ۽ ترقي پسند اسلامي رياست آهي، دنيا ۾ پاڪستان جي حقيقي تصوير پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پاڪستان بابت ماڻهن ۾ موجود غلط فهميون ختم ڪري سگهجن. صدر اها ڳالهه ڪالهه اربع ڏينهن ٻاهرين ملڪن ۾ مقرر ٿيندڙ پاڪستان انفارميشن گروپ جي پريس آفيسرن سان ڳالهائيندي چئي. صدر چيو ته پريس آفيسر پاڪستان بابت موثر اميج ۽ بيداري پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ کي هڪ حقيقي جمهوري ۽ ترقي پسند ملڪ بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پريس آفيسر اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي اصل ڪاميابين کي اجاگر ڪن ته جيئن سيڙپڪار پاڪستان طرف متوجهه ٿين. صدر چيو ته موجوده دور ۾ ميڊيا جو سفارتڪاري ۾ تمام اهم ڪردار آهي ۽ ميڊيا ان جي اهميت کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. صدر چيو ته دنيا هاڻي گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي ۽ سوشل ميڊيا عام ماڻهو کي صحافي بڻائي ڇڏيو آهي، ان جي ڪري هاڻي پريس آفيسرن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي حڪومت جي پاليسين کي اڳيان وٺي وڃن ۽ قومي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائين. صدر چيو ته توهان جي اولين ترجيح اها هجڻ گهرجي ته پاڪستان جمهوري، اعتدال پسند ۽ پرامن رياست آهي ۽ اها پنهنجي سمورن پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻن لاڳاپن جي خواهشمند آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي عوام امن پسند آهي ۽ پاڪستان جا سرندي وارا ماڻهو پنهنجي آمدني جو گهڻو حصو فلاحي ڪمن تي خرچ ڪن ٿا. صدر چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 60 هزار کان وڌيڪ جانين جي قرباني ڏني آهي. هن آپريشن ضرب عضب تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته تمام جلد ملڪ ۾ دهشتگردي جي لعنت تي ضابطو آڻي وٺنداسين. صدر چيو ته ڪشمير تڪرار هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ ان کي گڏيل قومن جي قراردادن جي روشني ۾ حل ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري تحريڪ جي سفارتي ۽ اخلاقي سطح تي حمايت جاري رکندو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته عالمي برادري ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. صدر پريس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل ظلم ۽ ڏاڍ جي اصلي تصوير پيش ڪن ۽ ان ڳالهه تي زور ڀرين ته ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي. صدر چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي، ميڊيا آزاد آهي، عورتن جي تعليم ۽ قومي تعمير ۾ انهن جي ڪردار جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سول سوسائٽي معاشري ۾ تبديلي جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته موجوده حڪومت جي اقتصادي پاليسين سبب پاڪستاني معيشت بهتر ٿي رهي آهي. هن پريس آفيسرن سان ڳالهائيندي چيو ته اهي پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا ذريعي پاڪستان جو ڪيس موثر طريقي سان دنيا آڏو پيش ڪن. صدر چيو ته سي پيڪ منصوبي سان پوري خطي ۾ تبديلي ايندي. هن چيو ته توانائي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ 2018ع تائين لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿي ويندو. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته پريس آفيسر پوري جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪندا ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندا.