سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24اگست 2016ء) سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر رحمان ملڪ ڪندو. اجلاس ۾ سي ڊي اي جي آفيسرن پاران گرينڊ حيات هوٽل جي تعمير ۾ گهپلن، پلاٽ جي سائيز ۾ تبديلي ۽ پلاٽ جي مارڪيٽ ويليو جي حوالي سان ايف آءِ اي جي رپورٽ تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته وزارت جا ٻيا معاملا پڻ غور هيٺ آندا ويندا.