اسلام آباد(پاکستان نیوز پوائنٹ 24اگست 2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن جن مان عالمي سيڙپڪارن کي وڌ کان وڌ فائدو کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هتي ايوان صدر ۾ ترڪ سيڙپڪار ڪمپني ڪي او سي هولڊنگ جي صدر فتحي ڪمال ابيڪلي اولو جي قيادت ۾ ترڪيءَ جي وڏي سيڙپڪار گروپ جي وفد سان ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ ترڪيءَ جو سفير صادق بابر گورگن پڻ موجود هو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي وئي آهي، حڪومت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ سيڙپڪارن کي سموريون سهولتون ڏئي رهي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو عالمي سيڙپڪار پاڪستان ۾ پنهنجو سرمايو هڻي رهيا آهن ان سان پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ اهو پاڪستان تي اعتماد جو اظهار آهي. صدر چيو ته پاڪستان جا ترڪيءَ سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي ملڪن هر مشڪل جي گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته ترڪيءَ جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ سيڙپڪاري صلاحيت کان گهٽ آهي جنهن ۾ گهڻي حد تائين اضافو ڪري سگهجي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ بجلي جي پيداوار ۽ تعميري منصوبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن جن ۾ ترڪيءَ جا سيڙپڪار پنهنجو حصو وجهي سگهن ٿا. صدر وفد تي زور ڀريو ته هو ٻين سيڙپڪارن کي به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري طرف راغب ڪن. وفد جي سربراهه ۽ ڪي او سي هولڊنگ جي صدر فتحي ڪمال ابيڪلي اولو صدر جا ٿورا مڃيا ۽ کيس ترڪيءَ جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري طرف ڌيان ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو يقين ڏياريو.
پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن: صدر ممنون حسين
9 سال پھريان
