موجوده حڪومتي دور ۾ پاڪستان ۾ هيستائين 14 ارب 28 ڪروڙ 87 لک آمريڪي ڊالر جي سڌي رستي سيڙپڪاري ٿي

موجوده حڪومتي دور ۾ پاڪستان ۾ هيستائين 14 ارب 28 ڪروڙ 87 لک آمريڪي ڊالر جي سڌي رستي سيڙپڪاري ٿي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ18ستمبر2017ء) موجوده حڪومتي دور ۾ پاڪستان ۾ هيستائين 14 ارب 28 ڪروڙ 87 لک آمريڪي ڊالر جي سڌي رستي سيڙپڪاري ٿي، سرڪاري ذريعن موجب انهن چئن سالن جي دوران سڀ کان وڌيڪ سڌي سنئين سيڙپڪاري 16-2015ع جي دوران ٿي جيڪا ٽي ارب 16 ڪروڙ 52 لک ڊالر هئي جڏهن ته 17 -2016ع جي دوران ٻه ارب 81 ڪروڙ 38 لک ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي، 15 -2014ع جي دوران ٻه لک 79 ڪروڙ 70 لک، 14 -2013ع جي دوران ٻه ارب 84 ڪروڙ 74 لک جڏهن ته 13-2012ع جي دوران 2 ارب 66 ڪروڙ 53 لک ڊالر جي سڌي سنئين سيڙپڪاري ٿي.