آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل جي اعتزاز احسن سان ملاقات

آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل جي اعتزاز احسن سان ملاقات

اسلام آباد(پاکستان نیوز پوائنٹ 23اگست 2016ء) آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن سان اسلام آباد ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مختلف سطحن تي رابطن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو